ٺٽو

ٺٽو: اي سي ۽ مختيارڪار تي حملو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
ڪينجهر ڍنڍ جي چليا پوائنٽ وٽ وڏي ايراضي تي ڪرايل قبضي وارو مامرو، ڊي سي ٺٽو جي حڪم تي قبضو ختم ڪرائڻ لاء ويل اي سي ٺٽو ۽ مختيارڪار ٺٽو جي اڳواڻي ۾ ٽيم تي لينڊ مافيا جو حملو، قبضو ختم ڪرائڻ لاء چليا پوائنٽ وٽ پهتل انتظامي عملدارن تي پوليس تي قبضاگير مافيا پاران ويهاريل ڇاڙتن حملو ڪري روينيو عملدارن جي تذليل ڪئي، انتظامي عملدار اينٽي انڪروچمينٽ پوليس سميت قبضو خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ڪيس داخل ڪرڻ لاء ڪينجهر ٿاڻي تي پهتل، ڪينجھر پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ کان لنوائڻ لڳي، بااثر لينڊ مافيا پاران ڪيس کي روڪرائڻ لاء پوليس تي ڌٻاء وجھي ڇڏيو، پوليس بہ بيوس بڻجي ويئي، ذريعن موجب بااثر شخصيت جي فون اچڻ بعد ڪينجهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ لاء پهتل اي سي ٺٽو ۽ مختيارڪار ٺٽو کي ڪيس داخل ڪرڻ بابت لاچاري ظاهري ڪري ڇڏي، جنھن ڪري آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نہ سگھيو ھو، ٻئي طرف ڪينجھر بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن، ڪينجھر ڍنڍ جي ماھيگيرن سميت مختلف سماجي، سول سوسائٽي جي نمائندن، قومپرست اڳواڻن بااثر قبضا مافيا جي ھٿياربندن ماڻھن پاران ڪينجھر ڍنڍ تي ٿيل قبضو خالي ڪرائڻ لاء ويل اي سي ٺٽو ۽ مختيار ٺٽو تي ڪيل حملي توڙي ڪينجھر پوليس پاران ڪيس داخل نہ ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ڪئي آھي تہ فورن ڪينجھر ڍنڍ تي ٿيل قبضو خالي ڪرائي ضلعي انتظاميہ جي عملدارن تي حملو ڪندڙ حملي آورن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ڪينجھر ڍنڍ کي قبضن کان آجو ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button