ھنڱورجا

هنڱورجا جي حد ۾ گيھ سان ڀريل مزدا ڦرجي ويئي

نڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراھ تي راڻو خان اسٽاپ سامهون نامعلوم هٿياربند گيھ سان ڀريل مزده جي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي يرغمال بڻائي رسن سان Mazda phurٻڌي ڦٽو ڪري مزده گاڏي ڪاهي فرار ٿي ويا، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراھ تي راڻو خان اسٽاپ سامهون نامعلوم ڪار ۾ سوار هٿيار بند ڪراچي کان چونڊڪو ويندڙ گيھ سان ڀريل مزده گاڏي کي روڪي ڊرائيور صاحب لاشاري ۽ ڪلينر امداد ڪٽوهر کي يرغمال بڻائي سندن کي رسين سان ٻڌي ڀر واري وونڻن ۾ ڦٽو ڪري گيھ سان ڀريل مزده گاڏي ڦُر ڪري فرار ٿي ويا هن ڏس ۾ مزده جي ڊررائيور صاحب لاشاري ٻڌايو ته ڪار ۾ سوار هٿياربندن اسان جي گاڏي کي روڪي ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي بهاني لاهي يرغمال بڻايو بعد ۾ رسين سان ٻڌي گاڏي ڪاهي ويا آهن هن ٻڌايو ته ڦورو هڪ ڪار ۾ سوار هئا جن کي پوليس جي وردي پڻ پاتل هئي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او هنڱورجا اقبال رڏ ٻڌايو ته ڦر واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ڏوهارين جي ڳولها پڻ ڪئي پئي وڃي ٻي پاسي ڦر واقعي جو آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس داخل نه سگھيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button