آرٽيڪل

زندگي


ثمر علي چانڊيو

زندگي گذارڻ کان نه گهٻرايو!
موت انهن کي سونهين


جن چار ڏينهن چڱا گذاريا هجن!
زندگي شفيق استاد آهي،ان کان پرائي وٺ!
هڪڙو شخص عارف انسان وٽ آيو پڇيائين زندگي ڪيئن گذاريان جو الله سائين راضي هجي؟
چيائينس اهڙي زندگي جيڪا عشق سان ڀريل هجي!
وري ٻيو شخص آيو پڇيائين ته زندگي ڪيئن گذاريان جو الله سائين راضي هجي؟
چيائينس اهڙي زندگي جيڪا خوشين سان ڀريل هجي!
ڪنهن چيو ته زندگي درسگاه آهي ان مان اهڙو سبق سک جيڪو آسمانن تي لکڻ لائق هجي!
زندگي اها ناهي ته کاءُ،پيءُ،سمهه ،گهم وري ٻئي ڏينهن ساڳيو ڪم انهي کي زندگي چئجي؟؟؟
زندگي جو مثال ان ٻار وانگر آهي جيڪو درسگاه کان گهر موٽي!
جيڪو موٽڻ ۾ ٽائيم لڳي اهو زندگي آ!
گذاريل وقت تبديل نه ٿو ڪري سگهي پر ان کان سکي ضرور سگهجي ٿو!
زندگي جو هدف ،حقيقت تائين پهچڻ آهي.
جي ڪنهن ٽٽل دل کي سهارو ڏنوسين ته سمجهه زندگي بيڪار ناهي گذري.
زندگي کي اجايو نه وڃاءِ!
زندگي يعني ڪوشش
زندگي يعني جستجو
زندگي يعني تازگي
زندگي يعني نئي سوچ،نئو فڪر!
زندگي جو مثال بيٺل پاڻي وانگر آهي جي بيٺل رهيو ته ڌپ ڪري ويندو .
هڪ ڏينهن سٺي سوچ سان زنگي گذارڻ سئو سال اونداهي ۾ گذارڻ کان بهتر آهي!
تڪليفن جا ڪوٽ ڪيرائي مقصد تائين پهچ!
سوچ،ڪردار ،گفتار ۾ سوجهرو پيدا ڪر!
زندگي يعني جهد مسلسل!!!!

زندگي سان محبت گذار !
زندگي سر آ ڳاءِ ويٺو!

 

زندگي قرباني آ تو پيش ڪر!
زندگي خواب آ حقيقت ۾ تبديل ڪر !
زندگي هڪ اهڙو جام آهي جنهن مختلف قسم جا شراب پيل آهن
مهرباني جو ، سادگي جو،ڪاميابي جو ، ڳوڙهن جو ، مسڪراهٽ جو ، بهادري جو ، خوف جو ، بزدلي جو ، هاڻي جهڙو جام پيئندي اهڙي زندگي گذاريندي!
زندگي ۾ حقيقتن تائين پهچ!
بهترين راهه هميشه مشڪل ترين هوندي آهي!
ڪا به شئي آسان ناهي هوندي!

ڪنهن چيو مان زندگي جو عاشق آهيان
مان زندگي کي ناهيان وساريندو
زندگي يعني منزل پهچڻ تائين،تڪليفن کي برداشت ڪرڻ!
بس همٿ جو سندرو ٻڌ !
جيڪي پنهنجي زندگي ڏانهن توجهه نه ٿا ڪن زندگي به انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏئي ٿي!
اٿ
سوچ
فڪر ڪر
نگاه ڪر
ڪٿي بيٺو آهين؟
ڪاڏي وڃڻو اٿئي؟
منزل تائين رسڻ جو توشو اٿئي؟
ڇا تيار ڪيو اٿئي؟
منزل ڪيترو پري آهي؟
سستي نه ڪر
سستي مان ڇا حاصل ٿيندو؟

چست ٿي!
پوئتي نه ڏس!
نگاه منزل ڏانهن هجي
پوءِ ڏس پهچڻ ۾ ڪيترو لطف آهي؟
متان منزل پاڻ ئي هجين ؟
متان پاڻ سڃاڻي وٺين!

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button