شهدادڪوٽ

شھدادڪوٽ راند کيڏندڙ ٻارڙين جي ڪنن مان واليون ڇنڻ وارو عمل جاري، پوليس جي لاپرواھي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شھداد ڪوٽ

شهدادڪوٽ ۾ راند کيڏندڙ ننڍڙن ٻارڙين جي ڪنن مان واليون ڪٽي ۽ ڇني وڃڻ وارن واقعا روز جو معمول بڻيل، پوليس جي ڪن تي جون نه چري، Kids picشهر جي مير ڪرم خان بروهي پيٽرول پمپ پاڙي مان 6ورهين جي بسمه چانڊيو جي ڪنن مان اڻڃاتل چور 4واليون ڪٽي فرار تي ويا هوڏانهن واقعي بعد نياڻي روئيندي گهر پهتي جنهن بعد سندس والد عبدالغفور چانڊيو اي سيڪشن ٿاڻي پهچي اطلاع ڏنو ان موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ڪجھ ڏينهن اڳ پنهنجي نياڻي بسمه کي 30هزار کان وڌيڪ جي ماليت جون 4عدد واليون وٺي ڏنيون هيون، هن چيو ته ڪجھ ڏينهن کان اهڙو گروپ سرگرم آهي جيڪو نياڻين جي ڪنن مان واليون ڪٺي ۽ ڇني وڃي ٿو وڃي جنهن کي پڪڙڻ ۾ پوليس مڪمل ناڪام نظر اچي رهئي آهي، هن مطالبو ڪندي چيو ته مان مسڪين آهيان منهنجي نياڻي جي ڪنن مان لاٿل واليون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن، ياد رهئي ته ٻارڙن جي ڪنن مان واليون لهندڙ هي 3واقعو آهي جيڪو ميڊيا تي رپورٽ ٿيو آهي جنهن ۾ گذريل ڏينهن خاراني پاڙي مان گهٽي ۾ راند کيڏندڙ 3ورهين جي بسمه خشڪ جي ڪنن مان به اڻڃاتل چور واليون ڪٽي فرار ٿي ويا هئا ۽ 5 ڏينهن اڳ ڪالو فقير مڪان پاڙي مان 5ورهين سونيا مگسي جي ڪنن مان به واليون ڪٽي فرار ٿي ويا هئا جنهن جو اطلاع وارثن حد جي ٿاڻي تي ڏنو هو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button