فريدآباد

فريدآباد: ٻن برادرين ۾ معمولي ڳالھ تان جھيڙو، 5 زخمي

جڙيل چانڊيو، فريدآباد
فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش سوڍر ۾ سوڍر ۽ پيرزادا برادري جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو 5 ڄڻا زخمي ، ڇڪتاڻ جاري
خبر موجب فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش سوڍر ۾ سوڍر ۽ پيرزادا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪجهه ڪلاڪ اڳ ٿيل جهيڙي کان پوءِ ڌرين ۾ ٻيهر جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران جهيڙي ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ زاھد علي پٽ غلام نبي سوڍر ، ساگر پٽ غلام نبي سوڍر ، محمد ياسين پٽ محمد بچل سوڍر ۽ سگران زال سڪندر علي سوڍر سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو بعد لاڙڪاڻا منتقل جڏهن ته جهيڙي دوران زخمين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي ٻنهي ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي دوران ڌريون 3 ڪلاڪن کان جهيڙينديون رهيون جنهن سبب علائقو ميدان جنگ بڻيل رھيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button