سانگھڙ

عوامي تحريڪ جو پراڻو ڪارڪن ڀڳت ريشم ڀيل ديھانت ڪري ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سانگھڙ
Bhagat Resham Bheelڀڳت ريشم ڀيل جي وڇوڙي تي عوامي تحريڪ ۾ ڏک جي لھر، ريشم ڀيل ڪچي گھر ۾ رھندڙ مضبوط دل وارو انقلابي ھو.
ڪالھ صبح عوامي تحريڪ جو پراڻو ڪارڪن، رسول بخش پليجو جو ساٿي ۽ سجاڳ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سارنگ راجا جو والد ڀڳت ريشم ڀيل اوچتو ديھانت ڪري ويو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن سميت سڄي سنڌ جي قومي ڪارڪن گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي.
مقصودو رند ۾ انوکو درزي جو دڪان هيو جتي فلمي هيرن بدران انقلابي اگواڻن مارڪس هيگل لينن ڪاسترو هوچي منه فاضل ۽ پليجي صاحب جا فوٽو لڳل ھوندا هئا ۽ انقلاب ئي روس، صبح ٿيندو، تحريڪ ڪاپڙي، رسالن جي پراڻي دور جو ڪافي ساريون ڪاپيون به پيل ھونديو ھيون.
هو ڏسڻ ۾ ته بلڪل عام سادو ماڻھو هو پر عوامي تحريڪ جي سرشار نظرئي کيس اهڙو ته مضبوط ڪيو جو هو وڏيرن ڀوتارن جي نڪ ن ناڪلي وجهندو هو. ڀگت ريشم عوامي تحريڪ جي سڀني جلسن جلوسن جو روح هوندو هو. ڪاش عوامي تحريڪ وانگر اسان جون سڀ تنظيمون سنڌ جي ڀيل، ميگھواڙ، ڪولھي، باگڙي ۽ ٻين ويڳاڻن قبيلن تي ڪم ڪن ۽ سنڌ جي اصلي وارثن کي نفرتن جي اوڙاھ مان ڪڍي سنڌ کي مضبوط ڪن.
جان جان هُئِي جِئَرِي، وِرِچِي نه ويٺِي,
وڃِي ڀُون پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button