ٺٽو

مڪلي: ٿاڻي جو وڏو منشي غلام رسول جاکرو بيدردي سان قتل

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

Ghulam Rasool Jakhro
غلام رسول جاکرو جي حياتي جي تصوير

مڪلي ٿاڻي جو وڏو منشي غلام رسول جاکرو بيدردي سان قتل، مٿي ۽ اک ۾ پٿرن جا وار ٿيل، لاش مڪلي جي تاريخي قبرستان مرزا عيسىٰ ترخان جي مزار ڀرسان هٿ ڪيو ويو. مڪلي قبرستان ۾ بيدردي سان قتل ٿيل وڏي منشي غلام رسول جاکرو جو لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان پوليس جي وڏي ٽيم سميت واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو، پوليس جي ڪرائيم فارينزڪ ٽيم به واقعي واري هنڌ پهچي ويئي. مڪلي قبرستان ۾ واقعي واري هنڌ کي سِيل ڪري فنگر پرنٽ حاصل ڪيا ويا. ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان موجب مڪلي ٿاڻي جي وڏي منشي غلام رسول جاکرو کي رات جي وقت بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي گهڻ رُخي جاچ شروع ڪئي ويئي آهي، واقعي واري هنڌ تان واردات ۾ استعمال ٿيل ڳرو پٿر، هڪ ڇُري سميت ٻيون شاهديون هٿ ڪيون ويون آهن. ھن چيو تہ شھيد پوليس جمعدار غلام رسول جاکرو جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو. ھوڏانھن مقتول جي ڀاءُ پوليس جمعدار غلام مصطفي جاکرو چيو تہ گذريل رات 10 وڳي تائين منهنجو ڀاءُ غلام رسول مڪلي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڏيڻ بعد گهر روانو ٿيو، جيڪو گهر به نه پهتو. ھن چيو تہ آئون مڪلي ٿاڻي تي ڊيوٽي تي هئس، سندس باري ۾ خبر نه پئجي سگهي، صبح جو اطلاع مليو ته سندس ڀاء کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي. مڪلي ٿاڻي جي قتل ٿيل وڏي منشي غلام رسول جاکرو جو لاش سول اسپتال مڪلي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر منير جوکيو ۽ ڊاڪٽر حسنين ميمڻ جي ابتدائي رپورٽ موجب مقتول اھلڪار جو موت بدترين تشدد ۽ تيز ڌار اوزار مٿي ۾ لڳڻ سبب ٿيو. مڪلي پوليس پاران شڪي جوابدارن جي گرفتاري لاء مختلف ھنڌن تي ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تہ بيدردي سان قتل ٿيل پوليس اھلڪار غلام رسول جاکرو کي ايس ايس پي ٺٽو پاران شھيد ڊڪليئر ڪرڻ لاء ڪاغذي ڪاروائي بہ شروع ڪري ڇڏي آھي، جڏھن تہ اڃان تائين قتل جو ڪيس داخل ٿي ناھي سگھيو، شھيد پوليس اھلڪار غلام رسول جاکرو جو جنازو مڪلي ناريجا ڳوٺ مان کڻي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد پوليس لائين مڪلي تي کيس سلامي پيش ڪئي ويئي، جنھن ۾ ايس ايس پي ٺٽو سميت پوليس عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، کيس مڪلي جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ پوليس عملدارن سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندس تڏو مڪلي ناريجا ڳوٺ ۾ وڇايو ويو آھي، جتي سندس پونئيرن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button