دنيا جي ڀيڙ ۾ وڃايل ھڪ مرڪ

غضنفر سولنگي

غضنفر سولنگي

اڄ الائجي ڇو ھو مون کي ٻين ڏينھن کان وڌيڪ ڪجھ چپ چاپ ۽ مايوس پئي نظر آيو، نه چاھيندي به ان کان پچڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم، منير ۽ مان يونيورسٽي جي دور کان وٺي ئي روم ميٽ ھئاسين. ھو جڏھن به حرا جي باري ۾ سوچيندو آھي ته ائين ئي ڪنھن ڪناري تي اڪيلو وڃي پنھنجي منھن پيوڳالھائيندو آُھي پر اڄ ھو ڪجھ گھڻو ئي مايوس ھو. ھن جي ڀر ۾ ويھندي مون ھن کان پڇيو يار منير ڪڏھن ڪڏھن تون ايترو سيرس ۽ پريشان ٿي ويندو آھين، ڇا ڳالھ آھي؟ چيائين يار سمير جڏھن به منھنجي دل م حرا جي وڇڙڻ جو خيال ايندو آُھي ته نه ڄاڻ من جي مندر م ڪيترائي طوفان اٿي کڙا ٿيندا آھن. خبر به اٿم ته اسان ٻئي معاشري جي رسمن ۾ جڪڙيل آھيون ۽ چاھيندي به اسان آزاد ۽ پرسڪون فضا ۾ ساھ نٿا کڻي سگھون.

منير ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو اڪثر ائين ڇو ٿيندو آھي، مائٽن جي اڳيان اسان پاڻ ايڏا ڪمزور ۽ ھيڻا ڇو ٿي ويندا آھيون، ڇو نه انھن کي ٻڌائيندا آھيون ته ھي ئي منھنجي محبت ۽ ھي ئي منھنجي زندگي آھي. مون ڏٺو منير جون اکيون سانوڻ جي مينھن جيان وسڻ لڳيون ھيون. ان جا ڳوڙھا اگھندي چيم يار چريوٿيو آھين ڇا، جدائي ته توھان ٻنھي جي قسمت ۾ لکيل آھي، توکي اھو ھاڻي سڀ قبول ڪرڻو پوندو. اڄ به مون کي اھو ڏينھن ياد آھي، جنھن ڏينھن منير جي پھرئين نظر حرا جي خوبصورت ۽ معصوم چھري تي پيئي، ڄڻ ته ھن جي زندگي جو مقصد ھن کي ملي ويو ۽ ھو مڪمل ٿي ويو ۽ خبر ئي نه پئي جو ھو ٻئي دل ئي دل ۾ ھڪٻئي کي چاھڻ لڳا ۽ لڪي لڪي ڪلاس جي پويان ۽ سيمينار روم ۾ ڪچھريون ڪرڻ لڳا ھئا. ھڪ ڏينھن جڏھن ھو اداس شام کي حسين ۽ يادگار شام بڻائڻ لاءِ سنڌو جي ڪناري تي آيا ته حرا منير کي چيو ته ائين ڇو ٿيندو آھي جو عورت جا حسين خواب ۽ سندر سپنن جو محل ھن جي سامھون ٽوڙيو ويندو آھي.

اُخر ڇو عورت جي احساسن جو قدر ناھي ڪيو ويندو ۽ ھن جي پيار ڀري خوبصورت ڌرتي تي تلخين جا ٿوھر مڙھيا ويندا آھن. حرا جذباتي ٿيندي چيو سچ ته اھو به آھي ته عورت ئي محبت ۾ مرڻ ڄاڻي ۽ اڪثر ڪري ته ٽٽل پرزا ٿيل دل دنيا جي بازار ۾ گھمندي نظر ايندي آھي. انھي ڏينھن الائي ڇو حرا من ۾ مايوس ھئي. سنڌو تي ڪجھ گھڙيون گھاري گھر ڏانھن منھن ڪيو سي ۽ ٻئي ڏينھن يونيورسٽي اچڻ جو چيو سون، اھا رات منھنجي لڇندي پڇندي گذري ۽ خبر ئي نه پئي ھئي جو ننڊ جي ديوي ڪڏھن مون کي پنھنجي اَغوش ۾ کڻي ويئي ھئي. ٻئي ڏينھن ڪلاس کان فارغ ٿي اسين سيمينار روم ۾ اچي ويٺاسون ته منير چيو ته واقعي زندگي خواب آھي، خبر ئي نه پئي جو اسان کي ھتي زندگي جون ٻه بھارون گذري ويون ۽ آخر ۾ اسان تي به اھو ڏينھن اچڻو ھو ۽ اسان ٻنھي کي جدا ٿيڻو پيو. ارمان ته اھو ھو جو حرا پنهنجي محبت صرف قربان منھنجي مستقبل ۽ مائٽن جي رضا  جي ڪري ڪئي.

 

 

 

ويندي ويندي چيائين ته زندگي جي سفر ۾ ڪڏھن به پاڻ کي اڪيلو نه محسوس ڪجان . ڇا ٿيو جو دنيا اسان کي ملڻ نه ڏنو. مان سدائين تنھنجي روح ۾ راحت بڻجي رھنديس. توکي صرف محنت ڪرڻي آھي ۽ دنيا  جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳتي نڪرڻو آھي، پاڻ ڀلي ھميشه جي لاءِ وچڙن وڃون پر اھو ياد رکجان ته پنھنجي من ۾ ھڪ ٻئي لاءِ پريت ساڳي رھندي. آخر ۾ ڪيڏو نه رني ھئي چري ھئي. سمير ڪيڏي نه چري ھئي. منير جون اکيون ڀرجي آيون ھيون. سڏڪا ڀريندي چيائين مان به انھن يادن کي جياريندس، جيڪي پل توسان گڏ گذاريا، انھن يادن ذريعي ئي زندگي جو ھي ڪٺن سفر گذاريندس. جڏھن ڪنھن جو جيون وڇوڙي جا وڍ ڏيڻ لڳندو آھي.، تڏھن ئي انھي جيون جون سموريون سرھايون موت جو کاج بڻجي وينديون آھن ۽ صرف من جي مندر ۾ ماتم متل ھوندو آھي ۽ دل  جون سڀ حسرتون صحرا جي رڻ ۾ رلڻ لڳنديون آھن ۽ جنھن رڻ ۾ صدين تائين ڪوبه مسافر رلندوئي ناھي، توکان سواءِ مان به انھي رڻ مثل آھيان.

اي سنڌو جون ڇوليون گواھه رھجيو. مان پنھنجي من جي محبوب جو احوال اوھان کي ڏيان پيو. اڄ مون وٽ سڀ شيء آھي، حرا ڏس مان دنيا جي ڊوڙ ۾ سڀني کان اڳتي آھيان ۽ ڪنھن به شيءِ جي مون وٽ کوٽ نه آھي، ڪمي آھي ته صرف تنھنجي جنھن کان بنا ھي سڀ شيون به معني آھن. چو طرف اونداھي ڇانئجي ويئي ھئي ۽ ستارا پنھنجي معمول موجب ٻاھر روشن لڳا پيا ھئا. مان منير کي ٻانھن کان وٺي گاڏي طرف وٺي آيس ۽ ھو پنھنجا ٿڪل قدم کڻندو اچي گاڏي ۾ ويٺو ۽ اسان ھڪ دفعو وري دنيا جي ڀيڙ ۾ گم ٿي وياسين.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close