فريدآباد

پاڻي ڏيو، فريدآباد ۾ آبادگارن جو 3 ڪلوميٽر مارچ

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Farmers protesting against shortage of water
آبادگارن جو مارچ

ڌامراھ واھ ۽ ماڏو شاخ ۾ پاڻي ڏيو راشي آبپاشي عملدارن خلاف ماڏو شاخ جي آبادگارن جو 3 ڪلو ميٽر مارچ فريدآباد پل تي ڌرڻو آبپاشي انجنيئر جي پتلي کي باھ روڊ بلاڪ ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھي ويون جاڳيا جاڳيا ھاري جاڳيا شاخن ۾ پاڻي ڏيو يا استعيفيٰ ڏيو راشي آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن آبادگارن ھارين جي شرڪت

خبر موجب فريدآباد ڌامراھ واھ ماڏو شاخ سيدپور شاخ راڄ واھ۽ ٻين شاخن ۾  پاڻي جي کوٽ ۽ شاخن جي ڪپرن تان قبضا ن ھٽڻ خلاف آبادگارن ۽ ھارين جو ڳوٺ عاليوال کان پيادل 3 ڪلو ميٽر مارچ ڪري فريدآبادپل تي ڌرڻو ھنيو جتي ھنن آبپاشي انجنیئر جي پتلي کي باھ ڏئي ساڙيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھي ويون آبادگارن سخت نعريبازي ڪئي جاڳيا جاڳيا ھاري جاڳيا پاڻي ڏيو يا استعيفيٰ ڏيو آبپاشي عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ـ ڌرڻي کي آبادگار اڳواڻن برڪت علي چانڊيو عطاحسين موسيٰ خان پيار علي چانڊيو نياز چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آبپاشي عملدار رشوت کانسواءِ شاخن ۾ پاڻي ڏيڻ لاء تيار ناھن راشي آبپاشي انجنيئر ايس ڊي او داروغو احمدعلي چانڊيو موسى ڪنبر ـ غلام نبي ٻٻر رشوت وٺي بااثرن ماڻهن جون ڌامراھ واھ ۽ شاخن تي لفٽ مشنيون رکرائي ڇڏيون آهن جنهن ڪري ماڏو شاخ جي پڇڙي تي پاڻي ناھي پھتو ـ ھنن وڌيڪ چيو ته پاڻي نه ھجڻ ڪري سارين جا ٻج سڪي ۽ سڙي رھيا آهن جنهن ڪري لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿيڻ جو خطرو آهي ھنن چيو ته اسان ساليانو ڍل ۽ آبيانو ڀريندا آھيون پر آبپاشي عملدار پڇڙي جي شاخن ۾ پاڻي ڏيڻ لاء تيار ناھن ھنن چيو ته ماڏو شاخ ڌامراھ واھ تان غير قانوني قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن ـ ڌامراھ واھ ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائي پاڻي پھچايو وڃي ـ ھنن آبادگارن پاران راشي آبپاشي عملدارن انجنئر ـ ايس ڊي او ۽ داروغن خلاف لاڙڪاڻو ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته فريدآباد ڌامراھ واھ ماڏو شاخ تي پاڻي نه پھچائڻ جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ جدوجهد جاري رھندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button