ٺٽوزراعت

ٺٽو: ڪوهستاني علائقن ۾ به ماڪڙ جا حملا

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

ٺٽي جي ڪوهستاني علائقن ۾ به ماڪڙن جا حملا، ڪوھستان بعد چليا، شاھ لونڪو ٻيلي ۽ ڀريو شيدي تائين ماڪڙن جا ڪَٽڪ لهي پيا. جهمپير ۽ براد آباد توڙي آس پاس جي ڪوهستاني علائقن ڪولمبيا فارم، پالاري فارم ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙن جا ڪَٽڪ پهچي فصلن کي کي ناس ڪرڻ لڳا جهمپير جي آس پاس ڪوهستاني علائقن ۾ بور جي پاڻي تي پوکيل ڦُٽي، گاه، جوئر، ٻاجر، مينهان، جنتر ۽ ٻين فصلن کي سخت نقصان رسڻ لڳو
مقامي هارين ۽ آبادگارن پاران پنهنجي ٽوٽڪن وسيلي ماڪڙ ڀڄائڻ جو سلسلو جاري ڏٻا وڄائي ۽ هڪلون ڪري ماڪڙن کي ڀڄائڻ جو سلسلو جاري ماڪڙ ٺٽي جي بئراجي علائقن ڏانهن وڌڻ لڳا، زراعت کاتي سميت لاڳاپيل اختيارين نوٽيس نه ورتو متاثر ٿيندڙ آبادگارن پاران هنگامي بنيادن تي اسپري ڪرائي ماڪڙن جي تباهي کان فصلن کي بچائڻ جو مطالبو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button