ٺٽو

ٺٽو: پوليس پاران گم ڪيل جماعت اسلامي جو ڪارڪن واپس

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
Thatta Jamait Islamai leaderجماعت اسلامي ٺٽو جي امير عبداللہ آدم گندرو مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ 3 ڏينھن اڳ ٺٽو پوليس جماعت اسلامي يوٿ ونگ ٺٽو جي ڪارڪن ٺٽي شھر جي رھواسي شاھنواز شيخ کي بنا ڪنھن ڪيس جي گرفتار ڪري ٽن ڏينھن تائين گم ڪري ڇڏيو، جنھن بعد ٺٽي ٿاڻي تي گرفتار ڪارڪن جي بازيابي لاء عدالتي ڇاپو پڻ ھڻايو ويو، پر ھو ھٿ اچي نہ سگھيو ۽ آخري رات کيس ٺٽي کان ٻئي ڪنھن ھنڌ منتقل ڪرڻ جي اطلاع تي اسان ايس ايس پي ٺٽو سان رابطو ڪري کيس سموري حقيت کان واقف ڪيو، جنھن نوٽيس وٺندي ٺٽو پوليس جي اھڙي عمل خلاف انڪوائري ٽيم جوڙي کين پوليس پاران گم ڪيل ڪارڪن واپس ڪرائي ڇڏيو. ھن چيو تہ ضلعي ٺٽي اندر پوليس پنھنجي بادشاھي قائم ڪري غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي ۽ جنھن کي کپي ان کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏي ٿي، جيڪو عمل اغوا جي زمري ۾ اچي ٿو. ھن گھر ڪئي تہ صحيح نموني جانچ ڪري سندن ڪارڪن کي بلاجواز ٽن ڏينھن تائين گم ڪندڙ ٺٽو پوليس خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انصاف نہ ملڻ جي صورت ۾ عدالت ۾ وينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button