ٺٽو

ٺٽو: فيس بڪ مھم رنگ لاتو، معذور شخص کي ويل چيئر ملي ويئي

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

Wheel Chair donation
ويل چيئر وصول ڪئي پئي وڃي

ٺٽي جي سماجي اڳواڻ شعيب حبيب ميمڻ پاران پريس ڪلب مڪلي ۾ جاتي جي رھواسي معذور شخص نواز ٿھيمور کي ويل چيئر ڏني، جيڪا معذور نواز ٿھيمور جي ڀاء محمد صديق ٿھيمور سماجي اڳواڻ شعيب حبيب ميمڻ، پريس ڪلب مڪلي جي جنرل سيڪريٽري احمد خان خشڪ، صحافي محمد ايوب ملاح، شيراز واريو ۽ محمد رمضان ميمڻ کان وصول ڪئي. ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ سينيئر صحافي ۽ مڪلي پريس ڪلب جي صدر اعجاز واريو پاران ھڪ معذور لاء فيس بُڪ تي ھلايل پوسٽ بعد ھڪ سخي دل انسان شعيب حبيب ميمڻ پاران ويل چيئر وٺي معذور حوالي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي شعيب حبيب ميمڻ چيو تہ انسان جي خدمت ڪرڻ ئي وڏي عبادت آھي. ھن چيو تہ گذريل 15 سالن کان بنا ڪنھن فرق جي غريب ماڻھن جي خدمت وارو ڪم جاري آھي، جنھن جو اجر اللہ پاڪ ڏيندو. ھن چيو تہ انسان جي خدمت ڪرڻ ۾ سڪون ملي ٿو. ھن چيو تہ لاڪ ڊائون دوران غريب مسڪين ماڻھن کي راشن سميت وڏي تعداد ۾ معذور ماڻھن کي ويل چيئر ڏنا ويا اھن، جيڪو سلسلو جاري آھي. ھن چيو تہ ھن نيڪ ڪم ۾ ھر ماڻھون کي ھٿ ونڊائڻ گھرجي، جيئن غريب مسڪين ماڻھن جي ڀرپور نموني مدد ٿي سگھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button