ٺٽو

ٺٽو: صحت کاتي سنڌ جي ملازمن جي جدوجھد نيٺ رنگ لاٿو، ھيلٿ رسڪ الائونس منظور

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

Notification
نوٽيفيڪيشن جي ڪاپي

صحت کاتي سنڌ جي ملازمن جي جدوجھد نيٺ رنگ لاٿو، سندن ھيلٿ رسڪ الائونس منظور، نوٽيفڪيشن جاري، ملازمن ۾ خوشي جي لھر ڇانيل، تفصيل موجب دنيا سميت ملڪ ۾ گذريل چئن مھينن کان جاري ڪرونا وائرس واري وبا ۾ فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن پاران رسڪ ھيلٿ الائونس ڏيارڻ لاء جاري ڪيل جدوجھد نيٺ رنگ لاٿو آھي، جنھن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو اھي، سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري، سيڪشن آفيسر حبيب السلام پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪرونا وائرس واري جنگ ۾ فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن لاء بيسڪ پي اسڪيل مطابق ماھوار رسڪ ھيلٿ الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي، جنھن تحت گريڊ ھڪ کان 16 تائين جي ملازم کي 17 ھزار روپيہ، 17 ھين گريڊ کان مٿي تائين جي آفيسر کي 35 ھزار روپيہ، پوسٽ گريجوئيٽ اسٽوڊنٽس کي 15 ھزار روپيہ، ھائوس جاب آفيسر کي 10 ھزار روپيہ، نرسينگ اسٽوڊنٽس کي 55 سئو روپيہ ماھوار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي، جيڪو پھرين جولاء 2020 کان لاڳو ڪيو ويندو. ٻئي طرف صحت کاتي سول اسپتال مڪلي جي ملازم اڳواڻن ڊاڪٽر محمود، ڊاڪٽر ذوالفقار، ڊاڪٽر غلام علي، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اشرف خشڪ، حاجي ابراھيم سميجو، حاجي اسد خشڪ، منظور چانڊيو، علي خاصخيلي، معشوق پنھور، لياقت عباسي، لاھوتي گڊو خشڪ ۽ ٻين خوشي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ سندن جاري ڪيل جدجھد رنگ لاٿو آھي، جنھن تحت کين رسڪ ھيلٿ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو اھي، ھنن چيو تہ ڪرونا وائرس جي وبا مارچ مھيني کان شروع ٿي ھئي، پر کين رسڪ ھيلٿ الائونس کين پھرين جولاء کان ڏنو پيو وڃي، جيڪو کين مارچ مھيني کان ملڻ گھرجي، جنجن ڪري ملازمن ۾ مايوسي پکڙيل آھي، ھنن چيو تہ صحت کاتي جي ملازمن جا اڃان بہ کوڙ سارا مسئلا آھن، جيڪي حل ٿي ناھن سگھيا، ھنن اميد ظاھر ڪئي تہ سنڌ حڪومت، صحت کاتو سندن رھيل سمورا مسئلا جلد حل ڪري کين رسڪ ھيلٿ الائونس مارچ مھيني کان شروع ڪري ملازمن ۾ ڦھليل بيچيني دور ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button