ٺٽوزراعت

ٺٽو: سم نالي 27/H جي سالن کان وٺي صفائي توِڙي کانٽي ٿي نه سگھي

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
Drain 27H 2ٺٽي شھر جي اڀرندي پاسي کان گذرندڙ سب ڊرين ٺٽو سم نالي 27/H جي سالن کان وٺي صفائي توِڙي کانٽي ٿي نہ سگھي، سم نالي مڪمل لٽجي ويئي، برساتون پوڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ توڙي زرخيز زمينن سميت درگاھ ستيون جو قبرستان بہ ٻڏڻ جو خطرو، لاڳاپيل کاتي جا عملدار خاموش بڻيل، ڪروڙين روپيہ ايندڙ بجيٽ بہ ھڙپ ٿيڻ لڳي، چونديل نمائندن سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي ڌانھون ڏيڻ باوجود سواء دلاسن جي ڪوبہ عملي ڪم ٿي نہ سگھيو، مقامي ڳوٺاڻن جو احتجاج سم نالي جي کانٽي ۽ صفائي ڪرائي نقصان کان بچائڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ٺٽي لڳ ڳوٺ گلشير بروھي، ڳوٺ ملئون احمد منگسي، ڳوٺ جاڙو منگسي، ڳوٺ غلام محمد بروھي، درگاھ ستيون ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺاڻن سم نالي تي سابقہ تعلقي نائب ناظم حاجي خير محمد بروھي، وزير احمد بروھي، انور خليفو، يار محمد، يعقوب منگسي، جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي حاجي خير محمد بروھي ۽ ٻين چيو تہ ٺٽي شھر جي اڀرندي پاسي کان سندن گھرن اڳيان گذرندڙ سب ڊرين ٺٽو سم نالي 27/H جي ڪافي سالن کان وٺي کانٽي ۽ صفائي نہ ٿيڻ ڪري سم نالي ۾ وڻ، پن ۽ گاھ موري وڃڻ ڪري مڪمل لٽجي بند ٿي وڃڻ ڪري پاڻي جو گذر مشڪل بڻجي ويو آھي، جنھن ڪري برسات دوران سندن ڳوٺ، زرخيز زمينن سميت درگاھ ستيون جو قبرستان ٻڏڻ جو خطرو آھي. ھنن چيو تہ چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي بار بار دانھون ڏيڻ باوجود سواء دلاسن جي ڪير بہ عملي ڪم ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن چيو تہ سم نالي تي بيلدار توڙي داروغا نظر نٿا اچن جيڪي گھر ويـٺي پگھارون کڻي رھيا اھن. ھنن چيو تہ افسوس جي ڳالھ اھا اھي تہ روڊ جي منھن مان بہ صفائي ٿي ناھي سگھي، ڪروڙين روپيا سم نالن جي صفائي ۽ کانٽي لاء اچن ٿا جيڪي خبر ناھي تہ ڪٿي ٿا خرچ ٿين. ھنن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کان گھر ڪئي تہ برساتون پوڻ کان اڳ ۾ سم نالي جي کانٽي ۽ صفائي ڪرائي سندن ڳوٺن، زمينن ۽ قديمي قبرستان درگاھ ستيون کي ٻڏڻ کان بچائي سم نالي تي مقرر ٿيل بيلدارن ۽ داروغن کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي ٿيل ڪرپشن جي جانڇ ڪرائي آيل بجيٽ سم نالن جي صفائي ۽ کانٽي تي خرچ ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سميت کين پوندڙ نقصان جي ذميوار لاڳاپيل کاتي جا عملدارن ۽ ضلعي انتظاميہ ٺٽو تي ھوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button