ٺٽو

ٺٽو: ذوالفقارڀٽو هڪ عظيم ڪردار جو نالو آهي، ايم اين اي عالمگير زبان کي لغام ڏئي، پي پي اڳواڻ

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
Thatta PPP leadersپاڪستان پيپلزپارٽي ضلعو ٺٽو جي صدر صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، انفارميشن سيڪريٽري محمود عالم شاھ بخاري، سينئر نائب صدر عبدالحيمد پنهور نائب صدر آفتاب عالم سومرو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي تہ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم ڪردار جو نالو آهي جنهن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو جنهن ملڪ ۾ اسٽيل مل سميت سوين ڪارخانا لڳائي لکين ماڻهو کي روزگار سان لڳايو جنهن ملڪ جي عوام کي شعور ڏنو ملڪ سميت اسلامي ملڪ جي دفاع لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم ڪردار جو نالو آهي جنهن جو نالو تا قيامت تائين زندھ رهندو ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪندڙ جو اڄ ڪٿي نالو بہ نظر نٿو اچي ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف ناقابل برداشت لفظ استعمال ڪندڙ تبديلي جو کوکلو نعرو هڻندڙ ايم اين اي عالمگير جنهن جي ڪا بہ ذاتي حيثيت نہ آهي اهڙي عناصر جي ڪيل حرڪت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا تہ پنهنجي زبان کي لغام ڏين ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جا سپاهي توهان جي خلاف اُٿيا ته پوءِ توهان کي لڪڻ جي جاءِ نہ ملندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button