مختصر خبرون

وزيران ڇڇر جي نا حق خون سان انصاف ڪري عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ڄامشورو سجاڳ فورم

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

Protest by Jamshoro Sujag Forum
ڄامشورو سجاڳ فورم پاران علامتي ھڙتال

وزيران ڇڇر سميت سڄي سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف ڪوٽڙيء ۾ عورتن پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ڄامشورو سجاڳ فورم پاران ڪوٽڙي جي المدينا چوڪ تي عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف 4 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي ڄامشورو سڄاڳ فورم سان واسطو رکندڙ عورتن قرت العين ڪوريجو ، شازيه خاتون ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سڄي سنڌ عورتن مٿان تشدد جي واقعن ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي ، آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن سنڌ ڄائي کي ڪارو قرار ڏئي کيس بيدردري سان قتل ڪيو ٿو وڃي ، پر قانوني ادارا نااهلي جي ننڊ ستل آهن ،هنن خدشه ظاهر ڪندي چيو ته بيدردي سان قتل ڪيل وزيران ڇڇر جي ڪيس سان به ٽال مٽول ڪئي ٿي وڃي ، هنن سنڌ سرڪار کان اپيل ڪندي چيو ته وزيران ڇڇر جي نا حق خون سان انصاف ڪري عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ، احتجاجي ڪئمپ تي سنڌ جي نالي واري فنڪار ۽ پي ٽي آءِ واسطو رکندڙ ديبا سحر پڻ پهتي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button