ھنڱورجا

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهي ويئي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، نامعلوم هٿياربند قومي شاهراھ تي ٽرڪن ۽ ڪار کان هزارين روپيه ڦُر، ساڳئي رات ڳوٺ صفر خاصخيلي ۾ نامعلوم چور محمد صالح جو گھر ٻهاري ويا ،چوري واقعي جو ڪيس داخل، ڦُر واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ اوچتو بدامني وڌي وئي گذريل رات نامعلوم هٿياربند ملهيراڻي سولنگي اسٽاپ سامهون ايندڙ ويندڙ ٽرڪن کي روڪي ڊرائيورن کان هزارين روپيه ڦُر ڪئي جڏهن ته هڪ ڪار کي روڪي لاڙڪاڻي جي وڪيل شيرازکچي ۽ ان جي دوستن کان 4 موبائيل فون،18 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان ڦُر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.ٻي پاسي ساڳئي رات نامعلوم چور ڳوٺ صفر خاصخيلي ۾ محمد صالح خاصخيلي هوٽل واري جي گھر ۾ گھڙي هزارين روپين جو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.پوليس کوجي ڪُتن ذريعي پيرا کڻي ڳوٺ سائينداد ڏهر ۾ هنيا جڏهن ته هنڱورجا ٿاڻي تي گل مير ڏهر ،زاهد ڏهر ۽ 2 نامعلوم سميت 4 ڄڻن جي خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button