ٺٽو

مڪلي: ڳوٺاڻن جي ٻئي جي نالي منتقل، صحافين آڏو دانھن

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

Citizen protesting at Makli Press Club
مڪلي ڳوٺاڻا پريس ڪانفرنس ڪندي

تعلقي ميرپور بٺورو، يوسي بچل گگو جي ڳوٺ حاجي محمد الرحيم گگو جي رھواسي ضلعي ڪائونسل سجاول جي ميمبر مڱيلڌو گگو ۽ سندس ڀاء محمد سليم گگو مقامي بااثر ماڻھن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب مڪلي ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي تہ بااثر پ پ پ اڳواڻ ارباب رميزالدين ميمڻ ۽ سندس ھمدردن سندن سروي زمينن جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي پنھنجي نالن تي ڪرائڻ سميت مڱيلڌو گگو جي نوجوان پٽ کي ڊرامائي انداز ۾ گذريل 7 مھينن کان گم ڪرائي، ھو علائقي ۾ خونريزي ڪرائي سندن زمينون ھڙپ ڪرائڻ چاھي ٿو ۽ مٿن ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي پوليس معرفت کين پريشان ڪرڻ سميت سندن سروي واٽرن تي قبضا ڪري سندن زمينن جو پاڻي بہ بند ڪرائي ڇڏيو آھي. ھنن چيو تہ سندن ڳوٺ ڀرسان سندن قديمي قبرستان لاء سندن سروي زمين ڳوٺاڻن جي رضامندي سان مختص ڪئي آھي، جنھن تي پڻ مذڪورہ بااثر ماڻھن اعتراض واري ڇڏيا اھن، جن جو ان سروي زمين توڙي قبرستان سان ڪوبہ تعلق ناھي. ھنن چيو تہ ساڻن ٿيندڙ ناانصافين خلاف نيب ۾ پڻ درخواست داخل ڪرائي آھي، جنھن بعد مذڪوره بااٿر ماڻھون وڌيڪ ناراض ٿي اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏيئي اسانکي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، جن مان کين جاني، مالي نقصان جو خطرو آھي، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ سندن فوت ٿي ويل ڀيڻ توڙي چرئي ڀاء جي زمين جو پڻ کاتو تبديل ڪرايو ويو آھي. ھنن چيو تہ 7 مھينن کان درامائي انداز ۾ گم ڪرايل سندن نوجوان جي بہ کين خبر ناھي تہ اھي زنده بہ آھي يا نہ، جيڪو پڻ ارباب رميزالدين ميمڻ جي قبضي ھيٺ سندن ماڻھن حوالي آھي. ضلعي ڪائونسل جي ميمبر مڱيلڌو گگو ۽ محمد سليم گگو وڌيڪ چيو تہ سياسي طور سندن شيرازي گروپ سان واسطو آھي، ان ڪري کين سياسي بنيادن تي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي کين بيدخل ڪري سندن ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ھنن وزير اعلي سنڌ، ايس ايس پي سجاول سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري سندن زمينن جا کاتا تبديل ڪري علائقي ۾ خونريزي ڪرائي کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري 7 مھينن کان گم ٿي ويل سندن نوجوان سندن حوالي ڪري سندن زمينن جو بند ٿيل پاڻي کولرائي کين بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري سندن خلاف انتقامي ڪاروايون بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ سخٿ احتجاج ڪرڻ سميت انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button