ٺٽو

ميرپورساڪرو ۾ نقلي ٻج جوڪاروبار عروج تي پهچي ويو، آبادگارن جي پريس ڪانفرنس

ٺٽو ايم ايڇ ڪنڀار
ميرپورساڪرو ۾ نقلي ٻج جوڪاروبار عروج تي پهچي ويو. آبادگارن کي ڪروڙين روپين جونقصان.آبادگارن پاران ڪاروائي جومطالبو.ميرپورساڪروجي آبادگارن علي بخش مري. بجارمري.نادرعلي مري ۽ پريس ڪلب گهارو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوآهي ته ميرپورساڪرو ۾ زرعي دوائون وڪروڪندڙواپاري ۽ جهولي لال دڪان جو مالڪ موهن لال ڪيتري عرصي کان علائقي جي زميندارن کي نقلي ٻج وڪروڪري رهيوآهي جنهن سبب اسان کي سيزن ۾ ڪروڙين روپين جونقصان ٿي رهيوآهي.آبادگارن وڌيڪ دانهيوته علائقي ۾ هڪ طرف پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زرعي دوائن جي اگهن ۾ اضافي سبب هئڻ باوجود اسين قرض کڻي زمين جي آباديءَ لاءِ ٻج خريدڪري پوکائي ڪريون ٿا ته مهينن تائين انهن مان ڪوبه فائدوٿيڻ بدران اسانجي آبادي نقصان جي ورچڙهي ويندي آهي اسانجي آبدين ۾ مسلسل نقصان ٿيڻ بعدجاڇ ڪئي ويئي ته خبر پئي ته واپاري اسانکي نقلي ٻج ڏيئي رهيوآهي.نقلي ٻج جي پوکائي ڪرڻ سبب علائقي جي زميندارن کي ڪروڙين. روپين جونقصان ٿي رهيوآهي،آبادگارن صوبائي وزير اسماعيل راهو.ڊي سي ٺٽوکان گهرڪئي آهي ته ميرپور ساڪرو ۾ نقلي ٻج جو ڪاروبارڪندڙواپاريءَ خلاف ڪاروائي زميندارن جي نقصان جو ازالوڪيووڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button