مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، خيرپورڪيمپس جي نئين پرووائيس چانسلر چارج سنڀالي ورتي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

New Pro Chancellor of Mehran Uni Khairpur Campus
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، خيرپورڪيمپس جي نئين پرووائيس چانسلر چارج سنڀالي ورتي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ميرس جي نئين مقرر ٿيل پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي عھدي جي چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڏنو آھي. ڪيمپس جي انچارج پرووائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر طحھ حسين علي، پرووائيس چانسلر ، مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو عھدي جي چارج نئين مقرر ٿيل پرووائيس چانسلر جي حوالي ڪئي. ڪيمپس جي تمام شعبن جي سربراھن سان تعارفي ميٽنگ کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع چيو تھ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي تھ مان ھڪ بھترين ۽ پاڪستان جي پھرئين آئي ايس او سرٽيفائيڊ ڪيمپس جو پرووائيس چانسلر ٿيو آھيان، ھن ڪيمپس ۾ تمام گهڻو تجربو رکندڙ پروفيسر بھ آھن تھ محنتي نوجوان ملازم بھ گهڻي تعداد ۾ ھن ٽيم جو حصو آھن جيڪا ڪنھن بھ ٽيم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪافي آھي. ان سان گڏوگڏ اسان جي سامھون مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڪامياب ماڊل موجود آھي جنھن کي مشعلِ راھ بڻائي ڪاميابي جو تسلسل جاري رکي سگهون ٿا. ان کان پھريان پروفيسر ڊاڪٽر طحھ حسين علي ڪيمپس جي تمام ملازمن طرفان پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي کي ڀليڪار ڪيو ۽ وڌيڪ چيو تھ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي صاحب جن پڙھائڻ ۽ انتظامي معاملن جو وسيع تجربو رکن ٿا ۽ انھن جي قيادت ۾ ڪيمپس وڌيڪ ترقي ڪندو . ميٽنگ ۾ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن، تمام تعليمي شعبن جي چيئرمين ۽ انتظامي شعبن جي سربراھن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button