فريدآباد

فريدآباد: پاڻي ڏيو، آبادگارن جو احتجاج

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

farmers protesting at Faridabadرائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ماڏو شاخ، سيدپور شاخ، راڄ واھ ۽ ٻين واھن شاخن ۾ پاڻي کوٽ، ناجائز قبضن، کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي چوري ٿيڻ خلاف ڌامراھ واھ، راڄ واھ سيدپور شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي آبادگارن ۽ سياسي تنظيمن جي اڳواڻن آبادگار اڳواڻ برڪت چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان معرفاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ منور جتوئي، عوامي جمهوري جي سينگار چانڊيو، ايڊووڪيٽ اعظم خاصخيلي، ايڊووڪيٽ رحيم بخش ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن آبپاشي انجنيئر نعمت الله مڱريو جو پتلو کڻي گڏھ تي چاڙهي سٽي گيٽ کان فريدآباد پل تائين ھڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو ھڻي آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ساريالي فصل جي مند پڇاڙڪي ٿيندي پئي وڃي پر آبپاشي عملدار اسان جي احتجاجن رڙين ۽ دانھن ڪرڻ باوجود اسان کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ھنن چيو ته آبپاشي کاتي جا ڪامورا، چونڊيل نمائندا، ۽ ٻيون لاڳاپيل اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن جن کي اسان جو 9 ڏينهن کان ڪيل احتجاج ۽ دانھون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن. ھنن چيو ته اسان جي احتجاج جو ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناھي. پاڻي کوٽ سبب اسان جي منڍ جي آبادگارن جو پوکيل ساريالو فصل سڪي ۽ سڙي رھيو آهي ۽ اسان پڇڙي جي آبادگارن جوپوکيل ساريالو ٻيجارو سڙي ختم ٿي ويو آهي ٻيجارو سڙي ختم ٿيڻ سبب اسان آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پئجي ويو آهي ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان سنڌ ھاء ڪورٽ جي جسٽس، آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل اختيارين سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڌامراهه واھ راڄ واھ، ماڏو شاخ، سيدپور شاخ ۽ ٻين واھن شاخن جي ڪڙن ڪپرن تان ناجائز قبضا ختم ڪرائي. اسان پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پھچائي اسان سان انصاف ڪري اسان کي معاشي طور ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button