بلاگ

سنڌي نوجوان به پاڪستان آرمي ۾ ترقي ماڻڻ لڳا

عزيزا للل ناريجو، پيرجوڳوٺ

Ghulam Shabir Narejo
ميجر غلام شبير ناريجو

موھن جي دڙي جي چيڪيء مٺيء ۽ مھان توڙي وفادار مٽيء مان جنم وٺندڙ ھن ٻنھي تصويرن وارين شخصيتن جو تعلق منھنجي علائقي سان آھي ۔ ھيء جيترا خوبصورت ۽ سھڻا ۽ نفيس نظر اچي رھيا آھن ھيء اوترائي پنھنجي اندر ۾ فولادي قوت ھماليه جيڏو حوصلو ۽ شينھن جھڙي بھادر دل به رکن ٿا ۔ ھنن جي رڳ رڳ ۾ وطن عزيز پاڪستان جي محبت ۽ وفاداري سمايل آھي ۔ ھنن جي سوچ جو محور فقط وطن عزيز کي اندروني توڙي بيروني دشمن قوتن کان محفوظ بنائڻ ۽ وطن عزيز ۾ وسندڙ ھم وطنين جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ آھي ۔ مون کي ياد آھي ته جڏھن ڪارگل جي جنگ ۾ اسانجي علائقي ٺٽيء جو ناريجا برادريء سان تعلق رکندڙ جوان شھيد ٿيو ھيو ته انوقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف ھن جي ڳوٺ اچي کيس بھادريء تي سليوٽ ڪيو ھيو ۽ چيو ھئائين جيڪڏھن ھن شھيد جھڙا جوان مون سان ھجن ته ھندستان ته ڇا پر ڏھن ھندستانن جي غرور کي مٽيء ۾ ملائي سگھجي ٿو ۽ اتي موجود شھيد جي وارثن توڙي ڳوٺاڻن کي اعلانيه طور چيائين ته اچو پاڪ فوج ۾ اسان کي اوھان جھڙن بھادرن جي ضرورت آ ۔ مٿين ٻنھي شخصيتن مان ھڪ محترم غلام شبير ناريجو صاحب جو تعلق مذڪوره علائقي ۽ قبيلي سان آھي ۔ خدا جي فضل سان پنوعاقل ڇانوڻيء ج7-ي وجود کانپوء ھي پھريون موقعو آ جو ھڪ سنڌي ۽ وري اسانجي خوشنصيبي جو پاڙيسري GOC ٿيو آھي ۔ منھنجي نظر ۾ اسان لاء ته اعزاز جھزي ڳالھ آھي ئي آھي پر جيڪو سچائي ۔ ايمانداري ۔ وفاداريء ۽ حب ا لوطنيء سان محترم ميجر جنرل غلام شبير صاحب مقام ۽ رتبو ماڻيو آ تاريخ ان کي سونھري اکرن طور ياد رکندي ۔ عسڪري قيادت جي اھم عھدي ماڻڻ تي مان محترم ميجر جنرل غلام شبير ناريجو صاحب کي دل جي گھراين سان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو ۔

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button