آرٽيڪل

خان صاحب ملڪ ۾ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.

عزيزالله ناريجو، خيرپورس

Azizullah Narejo
عزيزالله ناريجو

عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿيندو پيو وڃي، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، بجيٽ کانپوءِ هر شيءِ تي ٽئڪس لڳايو ويو آهي، غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن پر اسان جا حڪمران ملڪ ۾ نئين پاڪستان ٺاهڻ ۽ تبدلي جون ڳالهيون ڪري غريب ۽ مسڪين عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي رهيا آهن، جنهن ملڪ ۾ 5 سئو رپيا ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ هڪ مزدور روزانو کاتي پيتي، جڳهه جي مسواڙ، ٻارڙن جي پڙهائي، گهر جو سودو سامان ۽ اٿي ويٺي جو مشڪل سان پورائو ڪري ٿو، جيڪڏهن کاتي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي وڃن، اسڪولن جو فيسون وڌي وڃن، بجلي، گئس ۽ پاڻي سميت گهر جا خرچ ٻيڻا ٿي وڃن ته اهو پورهيت 5 سئو رپين تي ڪيئن گهر هلائيندو، اها سوچڻ جي ڳالهه آهي، ملڪ ۾ جيئن ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار سنڀاليو ته تبديلي جا نعرا هڻندڙڻ جا منهن بند ٿي ويا ۽ اهي خاموش ٿي عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندو ڏسي رهيا آهن، وزير اعظم عمران خان اليڪشن کان اڳ جيڪي به عوام سان واعدا ڪيا، مهانگائي ختم ڪرڻ بابت ميڊيا ۾ بيان ڏنا، بجلي جو وڌيڪ بل اچڻ تي پاڻ سول نافرماني ڪندي جلسي ۾ هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ بجلي جي بل کي باهه ڏني، بل جمع نه ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪيون، ڪرپشن ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪيون، ڪرپٽ سياستدانن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ماڻهن جي مهانگائي مان جان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جا خواب ڏيکاريا، پر بدقسمتي سان عمران خان ڪيترائي يو ٽرن وٺي عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيري غريبن کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسي ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان ڪيو آهي، ملڪ جو عوام هاڻي ان عمران خان جي ڪيل اعلانن تي عملدرآمد نه ٿيڻ ڪري مايوسي جو شڪار آهي، وزيراعظم عمران خان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان اڳ هڪ جلسي ۾ چيو هو ته جنهن ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وڃي، تيل، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌي وڃن، سمجهو ته ان ملڪ جا حڪمران ڪرپٽ آهن ۽ اهي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، هن وقت اهڙي ساڳئي ئي صورتحال آهي پر بدقسمتي سان ان کي وري تبديلي جو نالو ڏئي عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مان عوام کي جيڪي به اميدون هيون اهي صرف دعوائون ئي رهجي ويون ۽ يوٽرن ۾ تبديل ٿي ويون، نئين بجيٽ ۾ به غريب عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بدران مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو، سرڪاري ملازمن جون صرف 10 سيڪڙو پگهارون وڌائي ٽئڪس ۾ اضافو ڪري حسحاب ڪتاب ڄڻ تي برابر ڪيو ويو، بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ صرف ڳالهيون ٿينديون رهيون پر عملي طور تي اهڙو ڪو به پروگرام ترتيب نه ڏنو ويو جنهن تحت پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار ملي سگهي ۽ بيروزگار نوجوان سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري پنهنجي زندگي جو گاڏو گهلين، پي ٽي آءِ حڪومت جي 50 لک گهر ٺاهڻ واري اعلان تي ته عمل نه ٿيو، پر مختلف شهرن ۾ حددخلين جي آڙ ۾ غرين جا گهر ڊاهي کين بيدخل ضرور ڪيو ويو آهي، ٽئڪس وڌائڻ سبب فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، سڄي ملڪ جا واپاري سراپا احتجاج بڻيل آهن، واپارين کي ڪروڙن جو نقصان ٿي رهيو آهي پر وفاقي حڪومت ملڪ ۾ بهتري آڻڻ جون ڳالهيون ڪري پنهنجي ساک متاثر ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ شامل ايم پي ايز يا ايم اين ايز پنهنجي ئي تڪن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان ناهن ته اهي ملڪ جي عوام کي ڪهڙو فائدو پهچائيندا، عمران خان آءِ ايم ايف کان قرض ڪڏهن به نه وٺڻ جو اعلان ڪيو هو پر هڪ اهم يوٽرن وٺي هن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري ملڪ کي اڃا به وڌيڪ قرضي ڪيو، دال، چانور، تيل، کنڊ، پتي، صابڻ، سيمينٽ لوهه، کير، سبزي، بوتلون، بجلي، گئس پيٽرول ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيڻ ڪري عوام جا سور ٻيڻا ٿي ويا آهن، مزدور جي پگهار 17500 رپيا ڪرڻ واري اعلانن تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي، پي ٽي آءِ جي هر ايم اين اي وٽ ڪيتريون ئي گاڏيون، بنگلا، فارم هائوس ۽ ٻيون ملڪيتون آهن، انهن وٽ ڪيترائي ذاتي توڙي سرڪاري ملازم به رکيل آهن، ڪيترائي وزير ۽ پي ٽي آءِ جا خاص اڳواڻ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ گهربل آهن، انهن خلاف وزيراعظم عمران خان نيب کي ڪارروائي لاءِ ڇو حڪم جاري نه ٿو ڪري، ڪرپٽ ماڻهو ڪرپٽ ئي هوندو آهي ڀلي ان جو ڪهڙي به پارٽي سان تعلق هجي پر هڪ طرفي ڪارروائي به نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آهن، هر ڳالهه سمجهي ان تي ڳالهائي به سگهن ٿا، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته عمران خان ڪرپشن خلاف سڀني ڪرپٽ سياستدانن سان هڪ جهڙوڪ سلوڪ رکي ها پوءِ ڀلي اهو تحريڪ انصاف، پيپلز پارٽي، ن ليگ يا ٻين جماعتن سان تعلق رکندو هجي، پي ٽي آءِ سرڪار جا عوام سان ڪيل واعدا وفا نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري ملڪ جو عوام به هاڻي وقت، حالتن ۽ سندن ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکي ڪري اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته اڃا ڪيتري مهانگائي ٿيندي، اڃا عوام ڪهڙين ڏکيائين کي منهن ڏيندو، هن وقت هر ماڻهو جي وات مان اها ئي ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته يار عمران خان ته وڏي مهانگائي ڪري ڇڏي، هاڻي غريبن جو ڇا ٿيندو، ٿيڻ ائين کپندو هيو ته پي ٽي آءِ سرڪار اقتدار ۾ اچڻ شرط ئي کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪري ها ۽ ٻين شين تي ڀلي ٽئڪس لڳائي ها، پر غريب عوام کي رليف ڏئي اميرن جي استعمال ۾ ايندڙ شيون مهانگيون ڪري ها، هڪ طرف عوام کي رليف ملي ها ته ٻئي طرف ماڻهو نئين حڪومت جا ٿورا به مڃي ها، پر هن وقت صورتحال ان جي ابتڙ آهي، عوام هينئر ئي حڪومت کان بيزار ٿي ويو آهي ۽ نئون پاڪستان نه کپي جو چئي پراڻي پاڪستان جي گهر ڪري رهيو آهي، وزيراعظم عمرن خان کي گهرجي ته هو هن وقت سڀ کان پهرين مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪرائي غريب عوام کي رليف فراهم ڪري، ڇاڪاڻ ته عوام به هاڻي مهانگائي جي سٽ برداشت ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي، هن وقت جيئن جيئن مهانگائي وڌندي پئي وڃي تيئن تيئن عوام جون رڙيون به وڌنديون پيون وڃن، هن وقت جيڪا صورتحال سامهون آهي اهي ڏسي هر ماڻهو کي لڳي ٿوته اڃا به مهانگائي وڌندي ۽ ڪيترن ئي غريبن جا وساميل چلها اڃا به وسامي ويندا، جيڪڏهن هينئر عوام کي ڪو رليف نه ٿو ملي ته عوام روڊن تي به نڪري ايندو ۽ تبديلي سرڪار جي ڪيل مهانگائي ۽ نئين پاڪستان جي دعوائن واري يوٽرن تان پردو ضرور کڻندو، پر اهي ساڳيا ئي حڪمران اهو راڳ ڳائيندا رهندا ته تبديلي اڃا پري آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button