ھنڱورجا

تعليمي ادارا انه کوليا ويا ته سنڌ ۾ ڀرپور نموني احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي،مقصود مهيسر

عزيز ميمڻ، ھنڱورجا

Maqsood Mahesar GSTA centeral president
ھنڱورجا: گسٽا جو مرڪزي صدر مقصود مھيسر پريس ڪانفرنس ڪندي

گسٽا مهيسر گروپ سنڌ جي نئين چونڊيل مرڪزي صدر مقصود مهيسر چيو آهي ته جيڪڏهن 15 آگسٽ تائين سنڌ ۾ تعليمي ادارا ايس او پيز تحت نه کوليا ويا ته سنڌ جي سول سول سوسائٽي سان گڏجي سنڌ ۾ ڀرپور نموني احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.سنڌ جي اندر تعليم جي بهتري لاءِ 37 هزار استادن جون خالي جايون ڀريون وڃن. هنڱورجا ۾ گسٽا جي مرڪزي اڳواڻن الطاف سهتو،لعل ملاح، ڪريم بخش ڀنڀرو، نياز لُنڊ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مقصود مهيسر چيو ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو جواز ڄاڻائي تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ جي تعليم کي تمام گھڻو نقصان رسيو آهي سنڌ حڪومت سمورا ڪاروبار ايس او پيز تحت کولي ڇڏيا آهن پر تعليمي ادارن کي ايس او پيز تحت کولڻ تيار ناهي هن چيو ته 15 آگسٽ تائين سنڌ جي تعليمي ادارن کي ايس او پيز تحت نه کوليو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته تعليمي ادارن کي کولي شاگردن جو مستقبل سنواريو وڃي. اسڪول بند هجڻ جي ڪري سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ 37 هزار استادن جون جايون خالي آهن جيڪي ڀرتي نه ٿا ڪيا وڃن هن چيو ته حڪومت تعليمي ادارا کولي ته سنڌ جا استاد بغير معاوضي جي اوور ٽائيم تحت ڊبل شفٽ ۾ شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ تيار آهن هن وڌيڪ چيو ته اسان جو نعرو آهي ته پهريان تعليم بعد ۾ تنظيم ان لاءِ سنڌ اندر اسڪولن جي عمارتن کي مرمت ڪرايو وڃي ۽ فرنيچر پڻ فراهم ڪيو وڃي.هن چيو ته سنڌ ۾ ادرڪيڊر استاد جن کي مختلف ادارن جي ٽيسٽ بعد ڀرتي ڪيو ويو انهن کي اڄ ڏينهن تائين ريگيولر ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي انهن کي پگھار ڏني وڃي ٿي جنهن سبب انهن جا خاندان بدترين معاشي بحران جو شڪار آهن انهن کي فوري طور تي ريگيولر ڪري پگھارون ڏنيون وڃن هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا سيڪنڊري استاد متحد ۽ منظم آهن تعليم جي بهتري لاءِ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪندا هن چيو ته تعليمي جي بهتري لاءِ گسٽا پاران سڄي سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ تعليمي سمينار پڻ ڪرايا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button