ھنڱورجا

ھنڱورجا: ڪرونا جي ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، 6 ڊاڪٽرن سميت 20 پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي رپورٽ پازيٽو

انڊس نيوز، هنڱورجا
قاتل ڪرونا جا هنڱورجا ۾ وار،اسپتال جي 6 ڊاڪٽرن سميت پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي 20 ملازمن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي،ٽي ايڇ او سوڀوديرو جي گهر واري به ڪرونا وائرس جي متاثرين ۾ شامل، هنڱورجا اسپتال 72 ڪلاڪن لاءِ بند ڪئي وئي. تفصيل موجب هنڱورجا اسپتال ۾ 6 جون تي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عملي سميت 90 ماڻهن جي ڪرايل ڪرونا ٽيسٽ جو رزلٽ اچي ويو جنهن ۾ اسپتال جي 4 ڊاڪٽر ،2 ليڊي ڊاڪٽر سميت پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي 20 ملازمن کي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي جنهن ۾ تعلقه هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ جي گھر واري پڻ شامل آهي اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ڪرونا پازيٽو اچڻ کانپوءِ اسپتال انتظاميه 72 ڪلاڪن لاءِ او پي ڊي کي بند ڪري ڇڏيو آهي هن ڏس ۾ ايم ايس هنڱورجا فدا حسين ٻڌايو ته ڪرونا واري جنگ ۾ ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو عملو فرنٽ لائن تي بيٺل آهي ان ڪري وڌيڪ ڪرونا جو شڪار به صحت کاتي جو عملو ٿي رهيو آهي 72 ڪلاڪن لاءِ اسپتال کي بند ڪيو ويو آهي هوڏانهن ٽي ايڇ او سوڀوديرو ٻڌايو ته تعلقي سوڀوديرو ۾ 300 کان وڌيڪ ٽيسٽن جو رزلٽ اڃان اچڻو آهي هن ماڻهن کي احتياطي تدابيرن عمل ڪرڻ جو زور ڀريو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button