ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ڄامشوري ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 4 ڪيس ظاهر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
ڄامشوري ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 4 ڪيس ظاهر، گذريل ڏينهن هيلٿ ڊپارٽمنٽ طرفان 36 شڪي ماڻهن جا ڪرونا ٽيسٽ لا۽ سيمپل ورتا ويا هئا جن مان 4 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي، 32 ماڻهن جي ٽيسٽ نيگٽو آئي، ڪرونا پازيٽو آيلن ۾ ڄامشوري جي گلشن شهباز ڪالوني جا 2 ۽ ڪوٽڙي جا به 2 رهواسي شامل، ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ڄامشوري ضلعي ۾ وڌي 495 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڄامشوري ضلعي ۾ صحتياب مريض جو انگ 280 ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button