ٺٽوڪورونا وائرس

ٺٽي ۾ ڪرونا وائرس جا 5 وڌيڪ ڪيس ظاهر

ايم ايڇ ڪنڀار
انڊس نيوز، ٺٽو
ٺٽي ۾ ڪرونا وائرس جا 5 وڌيڪ ڪيس ظاهر، ضلعي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 56 ٿي ويو. سب جيل ٺٽو جي هڪ قيدي ۽ پوليس لائين ٺٽو جي ٻن جوانن سميت 5 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويئي آھي،
ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد ٻن پوليس جوانن سميت چئن ڄڻن کي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي، مختيار ڪار ٺٽو اقتدار رسول بھراڻي موجب ٺٽو سب جيل جي ڪرونا متاثر هڪ قيدي کي جيل ۾ ٻين قيدين کان ڌار ڪري آئيسوليٽ ڪري، ستن قيدين جي ٽيسٽ ڪرائي ويئي آھي، جن مان 6 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي ۽ هڪ قيدي جي رپورٽ پازيٽو اچڻ تي کيس جيل اندر ئي آئيسوليٽ ڪيو ويو. ٻئي طرف صحت کاتي ٺٽي جي انتظاميہ موجب ٺٽي اندر ڪرونا متاثر ماڻهن جو انگ وڌي 56 ٿي ويو آھي، جن مان 11 جي صحتيابي بعد 41 ڄڻا هن وقت هوم آئيسوليٽ ٿيل آھن، جڏھن تہ 4 ڄڻا ضلعي ۾ ڪرونا وگھي فوت ٿي چڪا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button