ٺٽو: ڪرونا ڪيس وڌڻ ڪري گھارو ۽ جنگشاھي جا ڪجھ سيل
ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
ٺٽي ضلعي اندر ڪرونا جي مقامي مُنتقلي جا ڪيس تيزي سان وڌڻ بعد گهارو جي هڪ محلي ۽ جنگشاهي جي هڪ ڳوٺ کي سِيل ڪندي سمارٽ لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي، جنگشاهي جي ڳوٺ سبز علي بروهي ۾ صحت کاتي جي هڪ ملازم سميت 13 ڄڻا ڪرونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ڳوٺ کي سِيل ڪندي پوليس ويهاري ويئي آھي. سمارٽ لاڪ ڊائون تحت گهارو جي عيدگاه محلي ۾ پڻ هڪ واپاري ۽ سندس خاندان جا 10 ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد کين گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪندي محلي کي سِيل ڪري ڳوٺ ۽ محلي ڏانهن ٻين ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي لڳائي، علائقي ۾ ماڻهن کي گهرن تائين رهڻ جي ضلعي انتظاميہ طرفان هدايت ڪري ڇڏي آھي، ٺٽي ضلعي اندر ڪرونا جي مقامي منتقلي تيزي سان وڌڻ سبب گذريل ڏينهن 28 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪرونا جون ٽيسٽون وٺڻ جو سلسلو جاري آھي، ٻئي طرف ڊي سي ٺٽو محمد عثمان تنوير پاران ٺٽي ضلعي اندر ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائڻ ۽ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي چرپر کي محدود ڪرڻ جون عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آھن. ٻئي طرف ڪرونا بابت صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر جمن نصيراڻي موجب ٺٽي ضلعي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 201 تي پهچي چڪو، جن مان 67 ڄڻا ڪرونا کي شڪست ڏيئي صحتياب ٿي چڪا آهن. ھن چيو تہ ضلعي اندر 134 ڄڻا آئيسوليشن ۾ آهن ۽ ڪرونا جي مقامي منتقلي جا ڪيس وڌڻ ڪري زياده متاثر علائقن کي سيل ڪرڻ لاء ڊي سي ٺٽو کي سفارش ڪئي آھي.