لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مظاهرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاڙڪاڻو
Candidate protesting in front of Larkana Press Clubلاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي آفتاب منگي، محبوب گوپانگ، علي ڏنو گاد، اظهار علي ڀٽو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته تعليم کاتي ۾ پرائمري استادن جي ڀرٿين لاءِ 2009ع دوران اسان سنڌ يونيورسٽي جي نگراني ۾ ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪري 60 کان 80 سيڪڙو مارڪون کيون، پر ميرٽ لسٽ ۾ هٿرادو تبديلي ڪري اسان کي ويٽنگ لسٽ تي رکي ان جي وقت جي ڪرپٽ تعليم کاتي جي عملدارن سياسي ماڻهن جي ملي ڀڳت سان ٽيسٽ ۾ فيل ٿيل ۽ جعلي ڊگرين وارن اميدوارن کي پي ايس ٽي جا آرڊر جاري ڪري ميرٽ جو قتل عام ڪيو، جڏهن ته 11 سالن کان اسان کي آفر آرڊر نه ڏئي رولايو ويو آهي، انصاف لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيان آهيون، پر لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ اختيارين، چونڊيل نمائيدن ۽ سنڌ حڪومت ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، جڏهن ته بيروزگاري سبب ڦاڪاڪشي ۽ تڪليفن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، احتجاج ڪندڙ سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي آفر آرڊر جاري ڪري روزگار سان لڳائي انصاف ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button