شاھ عبداللطيف يونيورسٽيڄامشورو

شاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي جي استادن جا مسئلا حال ڪريو، ميوٽا

شاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي جي استاد هن وبا جي صورتحال ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ يونيورسٽي ۾ سراپا احتجاج آهن يونيورسٽي انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ استادن سان انتقامي ڪارروائي ڪري رهي آهي : مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (ميوٽا) صدر ڊاڪٽر حبيب الله پٽاڻ

انڊس نيوز، ڄامشورو

Dr Habib Pathanشاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي جي استادن جا مسئلا حل ڪريو مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (ميوٽا) ڄامشورو جي استادن پاران شاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي احتجاج جي حمايت ڪري ڇڏي استادن جا جائز مسئلا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان حل ڪرڻ جو مطالبو تفصيلي خبر موجب ڄامشوري جي مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (ميوٽا) جي صدر ڊاڪٽر حبيب الله پٽاڻ ڄامشوري جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي جي استاد هن وبا جي صورتحال ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ يونيورسٽي ۾ سراپا احتجاج آهن يونيورسٽي انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ استادن سان انتقامي ڪارروائي ڪري رهي آهي عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي اڳواڻن ڊاڪٽر اختيار علي گهمرو سلوٽا جي ميمبرن سان رابطي ۾ آهيون مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ( ميوٽا) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي استادن جي احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا ۽ اسين شاھ عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ۽ سنڌ جي وزيراعلي سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪريون ٿا ته خدارا يونيورسٽي جي مالي ۽ انتظامي بدحالي جو نوٽيس وٺي استادن جا مسئلا حل ڪيا وڃڻ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ( ميوٽا ) جي صدر ڊاڪٽر حبيب الله پٺاڻ وڌيڪ چيو ته (سلوٽا) جي احتجاج جي فيڊريشن آف آل پاڪستان اڪيڊمڪ ايسوسيئيشن (فاپواسا) سنڌ چيپٽر پاران جيڪو فيصلو ٿيندو انهي تي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو (ميوٽا) گڏ هوندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button