لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: استاد جي گھر ۾چوري

انڊس نيوز، لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سامٽيا روڊ واري علائقي ۾ نامعلوم چورن پرائمري استاد فيروز سرهيو جي گهر ۾ گهڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، جاڳ ٿيڻ تي گهر ڀاتين گهر جو سامان وکريل ڏسي حد جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي گهر ڌڻي پرائمري استاد فيروز سرهيو ٻڌايو ته اڄ صبح سوير سمورا گهر ڀاتي گهر ۾ ستل هئا ته ٻن کان ٽن نامعلوم چورن گهر ۾ گهڙي هڪ لک روپيه روڪ رقم، تولا سونا، هڪ موبائيل فون، چار موبائيل فونن جا دٻا ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس پهچي معلومات ورتي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چوري ٿيل سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان واپس ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button