لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: استاد جي گھر ۾چوري

انڊس نيوز، لاڙڪاڻو
Theft in teachers homeلاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سامٽيا روڊ واري علائقي ۾ نامعلوم چورن پرائمري استاد فيروز سرهيو جي گهر ۾ گهڙي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، جاڳ ٿيڻ تي گهر ڀاتين گهر جو سامان وکريل ڏسي حد جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي گهر ڌڻي پرائمري استاد فيروز سرهيو ٻڌايو ته اڄ صبح سوير سمورا گهر ڀاتي گهر ۾ ستل هئا ته ٻن کان ٽن نامعلوم چورن گهر ۾ گهڙي هڪ لک روپيه روڪ رقم، تولا سونا، هڪ موبائيل فون، چار موبائيل فونن جا دٻا ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس پهچي معلومات ورتي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چوري ٿيل سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان واپس ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button