آرٽيڪل

ولادت با سعادت حضرت امام زين العابدين عليه السلام

زوار سَيّد ارشد علي بخاري
نالوعلي، ڪنيت ابو محمد، مشهور لقب سجاد ۽ زين العابدين عليه السلام والد حضرت امام حسين عليه السلام ابنِ حضرت علي عليه اسلام، والده جناب شهربانو( شاه جهان)، تاريخ ولادت بروايت 5 شعبان،تاريخ شهادت 25 محرم الحرام قبر مبارڪ جنت البقيع (سعودي عرب) ۾ آهي

Arshad Shah
خاڪي سَيّد ارشد علي بخاري

حضرت امام زين العابدين جي پيدائش کان اڳ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ٻڌايو هو ته منهنجي فرزند حضرت امام حسين عليه اسلام جي گھر هڪ فرزند زين العابدين عليه السلام جي آمد ٿيندي. حافظ ابن ڪثير لکي ٿو ته ابوالزبير چيو ته اسان جابربن عبدالله (المتوفي 74 هجري) سان هئاسين ته اُتي علي بن حسين (امام زين العابدين عليه السلام) تشريف کڻي آيا ته حضرت جابر چيو ته اسان رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ هئاسين ته حضرت امام حسين عليه اسلام تشريف کڻي آيو، حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت امام حسين عليه اسلام جو مٿو، چهرو مبارڪ چميو۽ پنهنجي سيني مبارڪ سان لڳايو ۽ پنهنجي ڀرسان ويهاريو، رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم چيو ته منهنجي هن فرزند (حسين عليه اسلام) کي رب العالمين هڪ فرزند عطا ڪندو جنهن جو نالو علي هوندو. قيامت جي ڏينهن حاملينِ عرش جي فرشتن مان هڪ فرشتو آواز ڏيندو ته سَيّد العابدين اٿي بِيهي (حضرت امام زين العابدين عليه اسلام) اُٿي بيهندو. (البديه والنهايه ص 106، ج 9) ان مان ثابت ٿئي ٿو ته حضرت امام زين العابدين عليه اسلام جي پيدائش کان پهريان ئي رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ٻڌائي ڇڏيوهو ته حضرت امام حسين عليه السلام کي حضرت امام زين العابدين عليه اسلام نالي هڪ فرزند پيدا ٿيندو۽ ان جو قيامت واري ڏينهن هن لقب زين العابدين عليه اسلام سان پڪاريو ويندو. (المتوقي 538هه پنهنجي ڪتاب ربيع الابرار ۾ لکي ٿو ته حضرت عمر بن خطاب المتوفي 23 هه جي دورِ خلافت ۾ ملڪ فارس کان مالِ غنيمت آيو. ان مالِ غنيمت ۾ فارس جي بادشاه يزد جرد خسرو پرويز جون 3 ٽي نياڻيون گرفتار ٿي آيون. حضرت عمر فاروق انهن 3 ٽن نياڻين کي کپائڻ لاءِ حڪم ڏنو پر حضرت علي عليه السلام فرمايو انهن 3 ٽن نياڻين جو تعلق شاهي خاندان سان آهي، انهن سان اهو سلوڪ نه ڪيو وڃي جيڪو ٻين عام قيدين سان ڪيو ٿو وڃي.۽ ان کان بعد حضرت امام علي عليه اسلام چيو ته انهن 3 ٽن نياڻين جي ڪيتري قيمت آهي؟ حضرت امام علي عليه اسلام کي قيمت ٻڌائي وئي. اها قيمت حضرت امام علي عليه اسلام ادا ڪئي. انهن 3 ٽن نياڻين مان هڪ نياڻيءَ (جناب شهربانو“شاه جهان”)جي شادي حضرت امام حسين عليه السلام سان ڪرائي وئي. جنهن مان حضرت امام زين العابدين عليه اسلام پيدا ٿيا. (شذرات الذهب ص 106، ج 1، دفيات الاعيان ص 267، البدايه والنهايه ص 1 ج 9).
هڪ واقعو اوهان سان شيئر ڪندو هلان ته هڪ ڏينهن عبد الملڪ بن مروان حضرت امام زين العابدين عليه اسلام کي چيو ته مان والد ۽ والده جي لحاظ کان قريشي خاندان جو آهيان، پر اوهان جي والده جناب شهربانو “شاه جهان” قريش خاندان جي نه آهي. ان جي جواب ۾ حضرت امام زين العابدين عليه اسلام قرآن شريف جي آيت ٻڌائي جنهن جو ترجمو “ ان ۾ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي اقتداءِ (پيروي) آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم صفيه بنتِ حيي بن اخطب کي آزاد ڪرايو ۽ ان سان نڪاح ڪيو (دفيات الاعيان ص 269، ج 3، البدايه والنهايه ص 108، ج 9). حضرت امام زين العابدين عليه اسلام فرمايو ته منهنجي والد ان سلسلي ۾ ائين ئي ڪيو جيئن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي شهرت ۽ اختيار ۾ آهي ته هو جناب صفيه کي آزاد ڪرايو ۽ ان سان نڪاح ڪيو، اهڙيءَ طرح حضرت امام علي عليه السلام جناب شهربانو“شاه جهان” کي آزاد ڪرايو ۽ ان جو نڪاح حضرت امام حسين عليه اسلام سان ڪرايو. ان لاءِ عبد الملڪ کي چيو ته ان لحاظ کان اُها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي ۽ ان لحاظ کان اسان جي معاملي ۾ رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم آهي، جهڙيءَ طرح عبد الملڪ ابن مروان (المتوقي 86 هه) حضرت امام زين العابدين عليه اسلام سان بحس ڪيو هو اهڙي طرح عبدالملڪ جي پٽ هشام بن عبدالمڪ، حضرت امام زين العابدين عليه اسلام جي فرزند حضرت زيد عليه السلام (المتوقي 121 هه) سان بحس ڪيو. حضرت زيد عليه السلام، هشام کي جواب ڏيندي چيو ته حضرت اسماعيل عليه السلام جي والده جناب هاجره عليه السلام، جناب ساره سلام الله عليه ڇڏيو ۽ تمام عربن جو پيءُ بڻائي ڇڏيو.حضرت اسماعيل عليه السلام جي نسل مان حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پيدا فرمايو. هاڻي به تون ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي! توکي معلوم هجڻ گھرجي ته آءُ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي سانئڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه ۽ حضرت ابوطالب عليه السلام جي پٽ حضرت امام علي عليه اسلام جو فرزند آهيان. (شذرات الذهب ص 164 ج 1)
حضرت امام زين العابدين عليه اسلام پنهنجي خاندان ۾ هڪ منفرد حثيت رکن ٿا، امامن ۾ 4 چوٿون امام، حضرت امام زين العابدين عليه اسلام آهي. حضرت امام زين العابدين عليه اسلام ڪربلا جي ميدان ۾ پنهنجي سامهون والد، ڀائرن، سوٽن، چاچن ۽ پنهنجن محبن کي ذبح ٿيندي ڏٺو ۽ لاشن کي ڪربلا جي ميدان ۾. 10 ڏهين محرم الحرام جي عَصِر واري ٽائيم رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم جون ڌيئرون ۽ نياڻيون پنهنجون جانيون بچائڻ لاءِ هڪ خيمي کان ٻئي خيمي ڏانهن دوڙينديون رهيو ۽ يزيدي ظالم وڏي آواز ۾ چوندا رهيا ته خيمن کي باهيون ڏيو.
حضرت امام زين العابدين عليه اسلام ڪوفين ۽ يزيدين جو اهو وحشياڻو ظلم به ڏٺو، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ڌيئرن ۽ نياڻين کي بغير پردي سان اٺن تي ويهاريو ويو ۽ هڪ ئي رسيءَ سان گڏ ٻڌو ويو. ڪوفي جي بازارن ۾ بغير پردي جي گذاريو ويو، حضرت امام زين العابدين عليه اسلام ايترا ته بيمار هئا جو هو بهي به نه سگهندا هئا پر يزيدين حضرت امام زين العابدين عليه اسلام کي وزني زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو هو، جڏهن قافلو دمشق ڏانهن وٺي پئي ويو ته رستي ۾ تمام گھڻيون تڪليفون ڏنيون ويو، بکيو پياسو رکيو ويو، ايتري قدر جو حضرت امام زين العابدين عليه اسلام کي دمشق ۾ يزيد جي دربار ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي سَرَ مبارڪ جي چهري مبارڪ تي يزيد ملعون ڇُريءَ سان ضربون ڏيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته حضرت امام حسين عليه السلام کي قتل (شهيد) ڪرائي رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان جنگِ بدر جو بدلو ورتو آهي. ظلم جي انتها حضرت امام زين العابدين عليه اسلام هڪ يزيد سانئن زينب سلام الله عليه، سيده فاطمه بنت حضرت علي عليه السلام سان توهين آميز گفتگو ڪندي ڏٺو. حضرت امام زين العابدين عليه اسلام جي صبر کي سلام.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button