اسلام آباد

مھانگائي چوٽ چڙھي ويئي آھي، اسد عمر جو اعتراف

ٰInflation is at its peak, admits PTI leader

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
اسلام آباد: منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستاني عوام ڏکيائين مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت ماڻهن جون زندگيون تڪليف ۾ آهن. ملڪ ۾ مهانگائي جو جن بي قابو آهي ۽ جنوري 2020 ۾ مهانگائي جي شرح 14.6 سيڪڙو رهي، جيڪا تحريڪ انصاف حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. شماريات کاتي جي ماهوار رپورٽ موجب ڊسمبر 2019 ۾ مهانگائي جي شرح 12.6 سيڪڙو هئي، جيڪا جنوري 2020 ۾ وڌي 14.6 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته جنوري 2019 ۾ اها شرح 5.6 سيڪڙو هئي. هاڻ وفاقي وزير اسد عمر به ملڪ ۾ مهانگائي ۽ عوام کي ڏکيائين جو اعتراف ڪري ورتو آهي. اين اي 54 اسلام آباد ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب دوران تقرير ڪندي اسد عمر چيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستاني عوام ڏکيائين مان گذري رهيو آهي، مهانگائي سبب هن وقت ماڻهن جون زندگيون تڪليف ۾ آهن. هن چيو ته وزيراعظم کي توهان کان وڌيڪ مهانگائي جو احساس آهي، مافيا ۽ ذخيرو ڪندڙ مهانگائي ڪري رهيا آهن، عمران خان انهن خلاف محاذ لاءِ بيٺو رهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button