اسلام آباد

وزير اعظم عمران خان پاران عام واھپي جي شين جا اگھ گھٽائڻ جو فيصلو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ، اسلام آباد
وفاقي حڪومت اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته جيڪڏهن غريبن جو احساس نه ٿا ڪري سگهون ته حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي، قيمتون هر صورت ۾ گهٽ ڪندس، جيڪي ماڻهو کاڌو نه ٿا خريد ڪري سگهن انهن کي گهر ويٺي کاڌو پهچايو ويندو جڏهن ته برطانوي اداري پاڪستان ۾ مهانگائي جي طوفان ۾ تيزي اچڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مڪڙ جي حملي سبب پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي بحران جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، شين جي اگهن ۾ واڌ پهچ جي عمل ۾ رنڊڪ سبب ٿي آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي 2010ع کانپوءِ بلند ترين سطح تي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ وڏي پئماني تي اضافي جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، حماد اظهر، جهانگير ترين، علي زيدي، شهباز گل، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هر صورت ۾ اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر حفيظ شيخ کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به شيءَ جي بجيٽ گهٽ ڪئي وڃي پر غريبن کي هر صورت ۾ سهولت ڏني وڃي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ هر حد تائين وينداسين. عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو اهو ڪندس. هن چيو ته جن ماڻهن ۾ شيون خريد ڪرڻ جي سگهه نه آهي انهن کي حڪومت راشن ڪارڊ ڏيندي، عام ماڻهو جي رڌڻي ۾ بنيادي شيون هر صورت ۾ پهچائينداسين، غريبن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۾ آيا آهيون، جيڪڏهن اهو ڪم نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي اڳئين حڪومتن جي پاليسين جي ڪري آهي. هن چيو ته ذخيره اندوزن وڏا معاملا خراب ڪيا آهن ۽ انهن جي خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪنداسين. جڏهن ته ٻئي طرف برطانيا جي اداري دي اڪانامسٽ انٽيليجنس يونٽ پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌڻ جي رپورٽ ڏيندي چيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين جي رسد ۾ رنڊڪ اچڻ جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٽماٽي جي قيمتن ۾ اضافو ناڻي واڌ جي ڪري ٿيو آهي، جنوري ۾ مهانگائي ۾ اضافو 2010ع کان هيستائين جي بلند ترين سطح تي آهي. 2019ع ۾ ناڻي واڌ جي سراسري شرح 9.4 سيڪڙو رهي جڏهن ته اداري اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين پاڪستان ۾ مهانگائي جو طوفان برقرار رهندو ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو ويندو. جڏهن ته اداري مڪڙ جي حملي سبب زرعي پيداوار متاثر ٿيڻ جي رپورٽ پڻ ڏني آهي. اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته مڪڙ جي حملي سبب کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. جڏهن ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مانيٽري پاليسي سخت رکندي جنهن سان پڻ مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button