پڊعيدن

پڊعيدن: ناجائزين خلاف سولنگي برادري جو احتجاجي مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، پڊ عيدن
Solangi community protestingپدعيدن لڳ ڳوٺ حاجي محمد سليمان بڙدي جي رهواسين سولنگي برادري جي ماڻهن جو نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن اڳيان پيارو خان سولنگي محمد اقبال سولنگي ذاڪر حسين سولنگي ۽ ٻين جو پنهنجي ئي برادري جي بااثر ماڻھن جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پيارو خان سولنگي الزام مڙهيندي چيو ت رات دير سان منهنجي نياڻي کي صدام حسين محب علي عزيز الله عرف عزو سولنگي هٿيارن جي زور تي سائما ڌي پيارون خان سولنگي سميت گهر ۾ پيل سون روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن متاثرن احتجاج ڪندي چيو ت اسان مسڪين ۽ غريب آھيون اسان سان برادري جي بااثرن وڏي ناجائزي ڪئي آهي هنن احتجاج ڪندي چيف جسٽس پاڪستان آء جي سنڌ ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز ڊي ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ت فوري طور نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان ڇوڪري سائما سولنگي ۽ گهر مان لٽ مار ڪيل سامان زيورات واپس ڪرائي ڏنا وڃن.
,

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button