مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور ميرس ۾ ٻن ڏينھن وارو ڪيمپس گالا ميلو شروع ٿي ويو

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ميرس ۾ ٻن ڏينھن وارو ميلو ڪيمپس گالا جي عنوان سان شروع ٿي ويو. ڪيمپس گالا ميلي جو افتتاح مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ڪيو. افتتاحي تقريب جي مک مھمان مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ميلي ۾ لڳايل ڪتابن، کاڌي پيتي، راندين ۽ شاگردن جي پراجيڪٽ جي اسٽالن جو معائنو پڻ ڪيو. ميلي جي افتتاحي تقريب دوران مختلف اسڪولن جي ٻارن ٽيبلو ۽ خاڪا پڻ پيش ڪيا جڏھن تھ مختلف راندين ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگرديڻين ۾ انعام پڻ ورھايا ويا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي افتتاحي تقريب جي مک مھمان مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو تھ اڄ جو ھي رنگا رنگ پروگرام ڏسي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي رھي آھي. مان ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحھ حسين علي، انھن جي ٽيم، ڪيمپس جي استادن ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن ڏينھن رات محنت ڪري ھن ڪامياب پروگرام جو انعقاد ڪيو آھي. ھن قسم جا پروگرام ڪرائڻ جو مقصد شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، شاگردن ۾ برداشت جو مادو پيدا ڪرڻ ۽ مختلف ماڻھن سان گڏجي رھڻ جا گڻ ملن ٿا. تقريب کي شھيد محترمھ بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ، مھراڻ يونيورسٽي جي ڊين، فيڪلٽي آف آرٽيڪلچر اينڊ سوِل انجنيئرنگ پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد بروھي ۽ مھراڻ يونيورسٽي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحھ حسين علي پڻ خطاب ڪيو. ڪيمپس گالا ۾ ڪيمپس جي استادن، شاگردن، آفيسرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button