پڊعيدن

سٺي نموني روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته نوجوان ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪن، شاهنواز منگي

مونوٽيڪنيڪل ڪاليج پڊعيدن ۾ انڊسٽري شعبي سميت ٻين شعبن بابت ٽيڪنيڪل ڪالج جي پرنسيپال شاهنواز منگي جي زيري نگراني ۾ ميٽنگ ٿي گذري

وقار راڄپر، پڊعيدن
مونوٽيڪنيڪل ڪاليج پڊعيدن ۾ انڊسٽري شعبي سميت ٻين شعبن بابت ٽيڪنيڪل ڪالج جي پرنسيپال شاهنواز منگي جي زيري نگراني ۾ ميٽنگ ٿي گذري، اسان وٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مختلف شعبن جا ٽرنڊس هلي رهيا آهن جنهن ۾ اليڪٽريشن ،رپيئراليڪٽريڪل ڪورس پڻ هلي رهيا آهن هي ميٽنگ نيشنل سپورٽ جي طرف کان رکي وئي آهي جنهن جو مقصد صرف اهيو آهي ته علائقي واسي پنهنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ اليڪٽريڪل شين ۾ ڌيان ڏيارين ته جيئن هو اڳتي هلي هو سٺي نموني روزگار ڪري سگهن؛ پرنسيپال شاهنواز منگي
تفصيل موجب؛مونوٽيڪنيڪل ڪاليج پڊعيدن ۾ انڊسٽري شعبي سميت ٻين شعبن بابت ميٽنگ ٿي گذري،ميٽنگ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي پرنسيپال شاهنواز منگي ايڊمن آفيسر عبدالرشيد تيوڻو ،استاد آصف رضا لاشاري جي زيري نگراني ۾ ٿي جنهن ۾ انڊسٽري جي ميمبرن سميت شهرين سياسي سماجي اڳواڻن صحافين آزاد ابراهيم راڄپر استاد عبدالجبار ڀريجو ،وقار راڄپر محمد بچل خاصخيلي ،۽ ٻين شاگردن پڻ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي ان موقعي تي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي پرنسيپال شاهنواز منگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مختلف شعبن جا ٽرنڊس هلي رهيا آهن جنهن ۾ اليڪٽريشن ،رپيئراليڪٽريڪل ڪورس پڻ هلي رهيا آهن هي ميٽنگ نيشنل سپورٽ جي طرف کان رکي وئي آهي جنهن جو مقصد صرف اهيو آهي ته علائقي واسي پنهنجي ٻارن کي وڌ کان وڌ اليڪٽريڪل شين ۾ ڌيان ڏيارين ته جيئن هو اڳتي هلي هو سٺي نموني روزگار ڪري سگهن؛

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button