مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي خيرپور ۾ راندين جي هفتي ۾ شاندار مقابلا جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
sport activities at khairpurمهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس، خيرپور ميرس ۾ هلندڙ راندين جي هفتي جا شاندار مقابلا جاري. چوٿين ڏينهن تي منعقد ٿيل شاگردياڻين جي رساڪشي جي فائنل مقابلي ۾ سافٽويئر انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم سِول انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي هارائي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. رساڪشي جي شاگردن جي سيمي فائنل ۾ پيٽروليم انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم سِول انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪوليفائي ڪري ورتو. ٻئي پاسي شاگردن جي 100 ميٽر ڊوڙ ۾ سِول جي عبدالجبار پهرئين، پيٽروليم جي سليمان ٻئي ۽ مڪينيڪل جي راجا ٽئين پوزيشن ماڻي جڏهن شاگردن جي ئي 200 ميٽر ڊوڙ جي مقابلي ۾ اليڪٽريڪل جي واجد، سِول جي سالڪ ۽ پيٽروليم جي محسن ترتيبوار پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن ماڻي. جڏهن ته شاگردياڻين جي 100 ميٽر ڊوڙ جي مقابلي ۾ اليڪٽرونڪ ڊپارٽمينٽ جي صدره پهرئين، سافٽويئر جي روا رُباب ۽ خديجه ترتيبوار ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن ماڻي. شاگردياڻين جي ئي 50 ميٽر ڊوڙ جي مقابلن ۾ اليڪٽرونڪ جي صدره پهرئين، سافٽويئر جي دعا ٻئين ۽ اليڪٽرونڪ جي عُروسه ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button