آرٽيڪل

هاڻي ڇا ٿيندو ؟ جيڪو کٽي سو کائي

شير محمد سولنگي
نيٺ ڌرڻا ۽ احتجاج ڊاڪٽر طاهر القادري کي مهانگا پئجي ويا . هون به مٿس اها تلوار کوڙ سارن ڏينهن کان مٿس لٽڪيل هئي پر هاڻي جڏهن مٿان ڪرڻ واري آهي يا ڪرڻ واري آهي کيس خبر پوندي ته تحريڪ ڪيئن هلائجي هميشه تحريڪ جذبات سان شروع ڪجي سندس ڍل جي ڪري کيس هي سودو مهانگو پوڻ وارو آهي هن سدائين پاڻ سستو سودو خريد ڪيو آهي هاڻي ته ڪي سندس مٿان سختي ڏسي خوش ٿيندا ته ڪي وري سندس ڏکاري حال تي افسوس ڪندا هن وقت مٿس ڪجھ مشڪل وقت اچڻ وارو آهي پر مان سمجھان ٿو ته هي جيڪو ڪجھ ٿيڻ وڃي پيو اهو کيس ڪجھ ڪين ڪري سگھندو ڇاڪاڻ ته عوام ساڻس گڏ آهي ملڪ جون 39 سياسي پارٽيون به گڏ آهن پر هي سڀ ڪجھ ڪنهن جي اشاري تي ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان ڳجھو ڪين هوندو پر وري صبر جن جو سير تير نه گسي تن اهو به سچ آهي ڏسڻو اهو آهي اڳتي هاڻي ڪهڙو دڳ هلي ٿو يا سڀئي رستا بند ٿي ويندا اهو سڀ ڪجھ تڏهن وائکو ٿيندو جڏهن ايندڙ ٻه ڏينهن ڪو رستو ڏيندا هن وقت ته رستا سندس لاءِ بند ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا آهن حڪومت پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو. هاڻي قادري جو گھيرو تنگ ٿي رهيو آهي کيس آخري ۽ فيصلائتو قدم کڻڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هن کي ملڪي حد ۾ رهڻ لاءِ پابند ڪيو پيو وڃي جيئن هو ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگھي هاڻي قادري ڪهڙا پير کڻندو شايد اگر جي هن قدم قدم ۾ ملائي کنيا ته سندس منزل ويجھڙي آهي پر جيڪڏهن پري به هوندي ته کٽي پوندي هيئر موجودا صورتحال ۾ ۾ ته حڪومت مٿس زور ڀري جھڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪا ن ليگ جي ڪڙي آهي هوڏانهن ميان محمد نواز شريف کي به ڪا وٿي ملندي نظر آئي آهي جنهن عوامي رابطن مهم تيز ڪرڻ جو سوچي ورتو آهي ڪير به ڪٿي رڪي نه پيو هر پاڻ کي مٿانهون بنائڻ لاءِ وڏا وڏا ٽپ ڏئي رهيو آهي پر سڀ ٻه ٽنگا ڦاسندا ڪنهن کي به حد کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ملندي اگر ڪنهن جي دل ۾ اهري قسم جو خيال آهي ته اهو به ان جي اندر جو وهم آهي رياست کي اڳتي وڌڻو آهي رياست ڪنهن جي به انتظار ۾ رڪندي ڀلي سڀ پنهنجا زور آزمائي ڏسن لاهور وارو ڌرڻو جلسي ۾ تڏهن تبديل ٿيو جو ٿوان ڪٺو ٿي نه سگھيو ڪرسيون به ڀرجي نه سگھيون منافقت وارو هڪٻئي کي چهرو ڏيکاري پاڻ کي ظاهر ڪري ورتو ته هي يڪجهتي وارو قادري سان اتحاد خالي کوکلو اتهاد آهي اصل طاقت پوئتي گھر رکي آيا آهيون مون اڳ به اها ڳالھ ڪئي هئي ته قادري جي تحريڪ مان هوريان هوريان گھڻي کان گھڻا کسڪي ويندا باقي اگر نه ويندا ته فقط عمران خان ، شيخ رشيد اهي سندس ساٿ جا سچا ساٿي آهن هون به سياڻن سچ چيو هي ته گھڻين مردين گھر نه هلي ، گھڻين ڏاندين هر نه هلي حال ته قادري صاحب جي ڪيل محنت مٿان پاڻي ڦري ويو آهي هاڻي کيس نئي سر ميدان سجائڻو پوندو اڄو ڪو ڏينهن سندس ڏنل ڊيڊ لائين جو آخري آهي اڄ سندس نئي پاليسي ظاهر ٿي پوندي عمران خان به پنهنجي هوڏ تي قائم آهي هو به زرداري صاحب سان نٿو گڏجڻ چاهي قادري اتحاد به ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ويوآهي هاڻي ڪجھ ڪرڻو آهي ته اهو فقط قادري ، عمران ۽ شيخ رشيد ، چوڌري ڀائي ملي ڪري حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھن ٿا شايد ڪو هيلو ڪو بهانو کين ملي وڃي هن مهل تائين سانت لڳي پئي آهي قادري صاحب جي رويي مان ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ڪڪڙ مٿان منهن وسي ويو آهي وقت تمام گھٽ ن ليگ سرڪار مدو پوري ڪرڻ جي ڪنڌي تي آهي هاڻي کيس لوڏا ڏيڻ به مناسب ناهي ان ڪري قادري صاحب به وقت جو انتظار ڪري ۽ خاموي گھر ويهي رهي ڄاڻ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو پوءِ کين وارو ملي ويندو اليڪشن وارن ڏينهن ماڊل ٽائون جي شهيدن جي قاتلن کي دسي وٺندو هينئر اليڪشن جو تياريون ٿي رهيو آهن استادن کي نون ووٽرن ۽ فوتي ووٽرن جي چڪاس جو ڪم ويو آهي جيڪي ڪم سان لڳي ويا آهن اليڪشن وقت ٿيڻ وڃي پئي اگر وچ ۾ ڪو ٻيو مينهن نه وسي پيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون اگر ڪوڪٿان ٻيو بهانو پيدا ٿي پيو ته پوءِ سال ڏيڍ چونڊون پوئتي ٿي وينديون شيخ رشيد به قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ بيماري جو جواز بڻائي دبئي هليو ويو آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد 2 ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو پر هن وقت تائين شيخ رشيد استعيفيٰ نه ڏني پر شوشو ڇڏي پاڻ دبئي هليو ويو آهي. شيخ رشيد احمد صبح سوير اسلام آباد هوائي اڏي تي پهتو جتان هو دبئي روانو ٿيو. وڃڻ کان اڳ سندس استعيفيٰ بابت پڇا ڪئي وئي پر جواب گول ڪري ويو. مان بيمار آهيان ۽ بخار ٿي پيو آهي سڀاڻي تائين واپس اچي ويندس. واپس اچڻ کانپوءِ مخالفن کان استعيفيٰ وٺندس ۽ پاڻ به استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. سندس چوڻ هو ته مخالف جوتا کائڻ وارا آهن. لڳي ٿو هن همراھ کي به قادري وارو سيڪ لڳو آهي جو عين وقت تي ٻاهر هليو ويو آهي سو به تڏهن جڏهن قادري تي ڏکيو وقت اچڻ وارو کيس ملڪ اندر رهڻ لاءِ سندس نالو اي سي ال ۾ وجھڻ لاءِ منظوري ڏني وئي آهي اڳتي رام ڪهاڻي ڪٿان هلندي ڪا خبر ناهي پر ايترو ضرورو ڄاڻا ٿو هاڻي قادري آخري ۽ فيصکائتو قدم کڻدو جنهن جو آواز ايترو ته دهڪائڻ وارو هوندو جو جاتي امرا به لڏي پوندو ڇاڪاڻ ته قادري به هٽڻ وارو ناهي کيس هيسائڻ وارو هربو چيڙائڻ وارو ثابت ٿيندو جنهن سان ن ليگ جو تڪڙ ۾ نَصان ٿيندو ۽ حڪومت مدو پورو ڪري نه سگھندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button