فن ۽ فنڪار

ڪوٽڙي ڪبير: صوفي بزرگ حضرت سخي الهيار جي سالانوعرس مبارڪ شروع ٿي ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
ڪوٽڙي ڪبير ۾سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت سخي الهيار جي ٽن ڏينهن واري سالانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي Hingorja Festivalجتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمندن ۽ زائرين جو وڏو انگ درگاه تي عرس مبارڪ جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پهتل آهي عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاه جي اڱڻ تي صوفياڻي راڳ جي محفل سجائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي صوفي فنڪارن عبدالحميد ميتلو ،ثانيه ساگر ۽ ٻين سڄي رات شاه عبداللطيف ڀٽائي ،حضرت سچل سرمست ،بلي شاه ،دادن فقير ،استاد بخاري ،سميت ٻين شاعرن جا ڪلام ڳائي محفل ۾ موجود ماڻهن کي مست ڪري جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو .ٽن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا جڏنهن ڪنفيڪشنري ،مٺاين پڻ دوڪان انتهائي خوبصورت نموني سجايا ويا هئا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button