نواب شاھ

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سڪرنڊ جو دورو، ترقياتي ڪم جلد شروع ڪرڻ جي ھدايت

نوابشاھ: ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد گهنورعلي لغاري ميمبرصوبائي اسيمبلي غلام قادرچانڊيو سان گڏجي سڪرنڊ جو دورو ڪيو ان موقع تي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ ضلع جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڪرنڊ شهر جي خوبصورتي جي لاءِ ترقياتي ڪم جلد شروع ڪيا وڃن. هن اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ سلامت ميمڻ کي چيو ته شهر ۾ زيرتعمير پبلڪ پارڪ کي جلد مڪمل ڪيو وڃي هن شهر جي روڊن تي غيرقانوني حددخليون ختم ڪرڻ ۽ روڊن تي ڊرينيج جو پاڻي ڇڏڻ وارن هوٽل مالڪن ۽ شهرين جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۽ شهر ۾ صفائي جي صورتحال بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ان موقع تي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جو نئون چونڊيل چئيرمين سيد محمد منيرشاھ، سپرينٽنڊنٽ انجنئير ورڪس ۽ سروسز، انجنئير ورڪس ۽ سروسز ۽ ٻيا شامل هئا.بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر تعلقه سڪرنڊ جي تاريخي ماڳ چاهين جو دڙو جو دورو پڻ ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button