سنڌ زرعي يونيورسٽي

زراعت ۾ زرعي انجنيئرنگ کي اهميت حاصل آهي، ڊاڪٽر مجيب صحرائي

Tandojam SAU Photo 1.9.2016 (2)
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪالهه ايگريڪلچرل انجنيئرنگ فيڪلٽي جو دورو ڪيو، فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، وائيس چانسلر فيڪلٽي جي مختلف شعبن ۽ انهن ليبارٽرين جو دورو ڪيو ۽ بعد ۾ هو فيڪلٽي جي لائبريري پڻ ويو، جتي هن نصاب سميت مختلف موضوعن تي ڪتابن جي موجودگي ۽ استادن کي لائبريري جي سهولت بابت ڄاڻ ورتي، ان موقعي تي هڪ مختصر تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صحرائي چيو ته زراعت ۾ زرعي انجنيئرنگ کي اهميت حاصل آهي ۽ جديد ٽيڪنالوجي بابت شاگردن کي ڄاڻ ڏيڻ اهم آهي ۽ هن فيڪلٽي جي تمام گهڻي حيثيت آهي، هن چيو ته دنيا ۾ زمين جي سنوت، آبپاشي نظام، ماحوليات ۽ فصلن جي چونڊائي، لاب ۽ ٻين ضرورتن۾ جديد مشينري جي استعمال ڪري نه صرف وقت بچايو پيو وڃي، پر ان سان ليبر ڪاسٽ ۽ پيداوار جي نقصان کي بچايو پيو وڃي، ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت ٻڌايو ته فيڪلٽي ۾ شاگردن مختلف فني آلات تي تجربا ڪري رهيا آهن ۽ زرعي انجنيئرنگ جي اهميت سميت جديد نصاب کي رائج ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي هن فيڪلٽي جي گريجوئيٽس صوبي ۽ ملڪ سميت دنيا ۾ پنهنجو خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، ان موقعي تي هن فيڪلٽي ۾ مختلف شعبن جي بهتري لاءَ لاڳاپيل انتظاميه کي هدايتون پڻ ڏنيون، ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو، پروفيسر عبدالغفور سيال، ڊاڪٽر نعمت الله لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button