مختصر خبرون

تعلقي روهڙي جي آبادگارن ۽ زميندارن کي زرعي انڪم ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي هدايت

سکر: اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب تعلقي روهڙي جي آبادگارن ۽ زميندارن کي ساليانو 16-2015 جي زرعي انڪم ٽيڪس 30 سيپٽمبر 2016 تائين ڀرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب ساليانو 80 هزار کان وڌيڪ آمدني يا 100/50 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن/زميندارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اُهي 30 سيپٽمبر 2016 تي يا اُن کان اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي جي آفيس ۾ پنهنجو زرعي انڪم ٽيڪس جمع ڪرائين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button