بلاگ

ادا ڀائو هڙ کائو ۽ مظلوم ڳوٺاڻا

منير بروھي
منير بروھي
هونئن ته بدعنواني ڪرپشن جا قصا ٻڌڻ سنڌ واسين لاءِ روز جو معمول آهي سنڌ سرڪار جي مڙني کاتن جي ساک متاثر ٿي چڪي آهي خاص طور تي سنڌ تي گذريل اٺن سالن جي طرز حڪمراني ڄڻ انهي بدعنواني واري فصل کي ڀاڻ ڏيئي پروان چاڙهي ڇڏيو جنهن ۾ ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي بدعنواني جو انت نه اچي سگهيو۽ وري اهڙي ڏوھ جي پاداشي ۾ ڪنهن ذميوار کي وقتائتي ۽ اثرائتي سزا اچي سگهي ، نتيجي ۾ سنڌ واسي اهو ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿيندي ويا ، پر جڏهن کان پ پ قيادت اهو محسوس ڪيو ته هاڻ اڳتي به پارٽي طرز حڪمراني برقرار رکي ۽ تبديلي نه آندي ته پوءِ شايد مستقبل ۾ سنڌ واسي پنهنجو رستو پ پ کان الڳ ڪن ، خير سنڌ جي بدعنوانين جا داستان کوڙ آهن پر ضلعي مٺي جي ننگر پارڪر تعلقي ۾ روينيو اختيارين بدعنواني ۽ بديانتي جو نئون دڳ متعارف ڪرائي سڄي سنڌ کي ڏندن ۾ آڱريون ڏيئي ڇڏيون آهن ، ٿيو ائين آهي جو تعلقي ننگر پارڪر جي مختيارڪار تپي تڳوسر جي تپيدار ۽ منشي کاتيدار ضعيف العمر سيد حسن شاھ ولد حاجي ميران محمد شاھ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ننگر پارڪر وٽ هلندڙ 86 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي بابت ڪيس ۾ درخواستگذار 70 ورهين جي سيد حسن شاھ ۽ سندس حيات ڀائرن سيد حسين شاھ ، سيد عبدالڪريم شاھ کي فوت ڄاڻائي ۽ قبضي ڪندڙ غير ذات جي بااثر ماڻهن کي سندن وارث ڏيکاري زرعي زمين سندن حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڏياريو آهي ، جڏهن ته موصوف اسسٽنٽ ڪمشنر ٻڌڻين دوران اصل وارثن جو 1967 کان وٺي تمام رڪارڊ پاڻ تصديق ڪرائي ڏٺو جنهن ۾ درخواستگذار اصل مالڪ ثبات ٿيا هئا ، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ وڌنڌڙ ڪرپشن ۽ اقربا پروري جي گنگا ۾ ٻوڏ آيل آهي جنهن سنڌ جي حڪمرانن ، ڪامورن جي ايمانداري کي لوڙهي ڇڏيو آهي تڏهن ته سندن دلين مان خدا جو خوف ختم ٿي چڪو آهي هاڻ ته کين سعادات گهراڻن جي فردن توڙي پرديدار بيبين سائنڻن جو حياءُ به نه ٿي رهيو آهي ، ننگر پارڪر جي هن سيد گهراڻي کي جهڙي چالاڪي سان سندن اباڻي ملڪيت تان بي دخل ڪيو ويو آهي ، اهو امر يقين سنڌ واسين لاءِ ڏکوئيندڙ انهيءُ لاءِ به آهي جو سنڌ جي راڄڌاني تي گذريل اٺن سالن کان سيد خاندانن جا فرد حاڪم بڻيو ويٺا آهن ۽ سندن اختيارن هيٺ رهندڙ سنڌ جا سيد ئي محفوظ ناهن ته پوءِ ٻين ذاتين ۽ قبيلن جو ڪهڙو حشر هوندو ، اسان سنڌ جي نئين حاڪم وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي لطيف سرڪار جي سرن جو واسطو ڏيئي اپيل ڪنداسين ته خدارا سنڌ اندر گڊگورننس آڻڻ لاءِ نه رڳو دورن ۽ آفيسن تي سوير اچڻ جي ضرورت آهي پر اوهان کي سنڌ سرڪار جي خزاني مان پگهار کڻندڙ انهن بگهڙن تي به نظر رکڻي آهي جيڪي ٻن ٽڪن جي لالچ ۾ انتهائي پاپ ڪرڻ ۾ ملوث آهن .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button