شاھ عبداللطيف يونيورسٽي

خيرپور: ارم ناز ميمڻ جو ايم فل سيمينار شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ٿي گذريو

SALU Seminarخيرپور (انّا) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي انتظام هيٺ محققه ارم ناز ميمڻ جو ايم فل سيمينار ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر بدرالدين ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ان موقعي تي محققه ارم ناز ميمڻ پنهنجو سيمينار تازي فروٽن جي رس جو تجزياتي مطالعو جي عنوان تي ڊاڪٽر واحد بخش جتوئي جي رهنمائي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام قادر شر جي شريڪ رهنمائي ۾ پيش ڪندي چيو ته تازي فروٽن جي رس انساني جسم ۾ ٿوري وقت ۾ توانائي پهچائڻ جو ذريعو آهي ۽ تازي فروٽن جي رس پيئڻ سان جسم ۾ توانائي محسوس ٿئي ٿي. هن چيو ته تازي فروٽن جي رس سان انساني جسم ۾ پروٽين، وٽامن ۽ منرل حاصل ٿين ٿا. ان کان علاوه هي ڪمزوري کي به ختم ڪري ٿو. هن چيو ته فروٽ وٽامن سي ۽ وٽامن ڊي پهچائڻ جو بهترين ذريعو آهي. هن چيو ته تحقيق لاءِ مارڪيٽ مان مختلف فروٽ حاصل ڪري ان جو تجزياتي مطالعو ڪيو ويو. سيمينار جي موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر بدرالدين ميمڻ چيو ته تازي فروٽ جي رس سان انساني جسم ۾ توانائي جي گھٽتائي ختم ٿئي ٿي ۽ توائاني حاصل ٿئي ٿي. هن چيو ته محققه جو ڪم مستقبل ۾ تحقيق جون نيون راهون هموار ڪندو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر تحقيق جي موضوع تي روشني وجھندي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي تدريسي ۽ تحقيقي ڪمن بابت آگاھ ڪيو. ڊاڪٽر واحد بخش جتوئي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته محقق پنهنجي تحقيق هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تحقيقي ضابطن تحت سرانجام ڏني آهي. سيمينار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. سيمينار ۾ پروفيسر ڊاڪٽر غلام عباس شر ، پروفيسر ڊاڪٽر ونود ڪمار، پروفيسر ڊاڪٽر شفيق احمد آرائين، پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي جکراڻي، ڊاڪٽر اطهر نبي بروهي، ڊاڪٽر زيب النساء ميمڻ، ڊاڪٽر خالده مهر، فقير محمد ٻوهيڙو ۽ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button