بلوچستان

مري معاهدو: بلوچستان جي وڏ وزارت لاءِ ثناءُ الله زهري نامزد، عبدالمالڪ استعفيٰ ڏيندو

اسلام آباد : وزيراعظم نواز شريف مري معاهدي تحت نوازليگ جي اڳواڻ ثناءِ الله زهري کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته وفاق بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو.وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مري معاهدي بابت مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، محمود خان اچڪزئي، حاصل بزنجو، ثناءِ الله زهري، وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، چوڌري نثار، پرويز رشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي..اجلاس دوران مري معاهدي تحت ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي حڪومت برقرار رکڻ يا ثناءُ الله زهري کي وڏو وزير بڻائڻ بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.. اجلاس ۾ نوازليگ جي اڳواڻ ثناءِ الله زهري کي مري معاهدي تحت صوبي جو نئون وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته بلوچستان سندس دل جي تمام ويجهو آهي، اميد آهي ثناءِ الله زهري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائيندو، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي.وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن قائم ٿي چڪو آهي،گهٽ وسيلن باوجود صوبي ۾ تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اسلام آباد ۾ مستونگ ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن سان ملاقات کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته بلوچستان جا شاگرد پاڪستان جو مستقبل آهن، کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل سهڪار سان روڊ رستا به تعمير ڪرايا ويندا. نواز شريف چيو ته بلوچستان ۾ تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيڊيٽ ڪاليجز  ۽ يونيورسٽيز قائم ٿيڻ گهرجن، جنهن لاءِ حڪومت حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي. وزير اعظم چيو ته ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، سمورا منصوبا مقرر وقت تي ئي مڪمل ڪيا ويندا، حڪومت ترقياتي رٿائن ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت بلوچستان ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ امن جي فضا قائم ٿي آهي، سڪيورٽي ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سبب عوام سک جو ساهه کڻي رهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button