پنجاب

ڪراچي آپريشن کي روڪڻ جي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي:عابد شير علي

آءِ اين اين نيوز ڊيسڪ، اسلام آباد
فيصل آباد:پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ بابت سنڌ حڪومت جو عمل سُٺو ناهي پر پر وفاق وٽ ٻيا آپشن به موجود آهن.فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي جو چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن ڪنهن سياسي پارٽي خلاف ناهي پر ملڪ جي سلامتي لاءِ آهي، بليڪ ميلنگ سان آپريشن روڪڻ جي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي،ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري رهندو.عابد شير علي جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي ناپاڪ ارادن کي ختم ڪرڻ وزيراعظم جو ڪم آهي، رڳو ڪراچي نه پر پوري ملڪ ۾ دهشتگردن کي مڪمل ختم ڪري ڇڏينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button