سنڌي ادب

لاڙڪاڻو: ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو لڳايو ويو

لاڙڪاڻو:ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ سنڌيڪا اڪيڊمي لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو لڳايو آهي.ڪالهه ڪتابي ميلي جو افتتاح پيپلز پارٽي جي باني ميمبر ۽ جهوني سياستدان عبدالرزاق سومرو ۽ پ پ پ جي ايم پي اي غزاله سيال ڪيو. جنهن ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين نور احمد ميمڻ سميت اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪتابي ميلي ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن، تصوف، تعليم، بائيو گرامي، فلسفي، سائنسي معلومات، راندين، ٻارڙن، ڪهاڻين سميت زندگي جي مختلف شعبن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ جا ڪتاب رکيا ويا آهن. جتي شاگردن سميت مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڪتابي ميلي ۾ اچي ڪتابن جي خريداري ڪري رهيا آهن. ڪتابي ميلي ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي مشهور ليکڪن، اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن جا لکيل ڪتاب رکيا ويا آهن. ڪتابي ميلي ۾ احسان دانش، سجاد ميراڻي، رضوان گل، روشن شيخ، بشير احمد شاد، ڊاڪٽر حافظ سڪندر تنيو، استاد خالد چانڊيو شرڪت ڪندي چيو ته اڄڪلهه جي جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ڪتاب جي اهميت اڃان به برقرار آهي ڇاڪاڻ جو ڪتاب بهترين دوست آهن جن مان وڏي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏ ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿو. هنن چيو ته اهڙي قسم جا ڪتابي ميلا اڄڪلهه جي نوجوان طبقي لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندا ڇاڪاڻ جو نوجوانن کي انهن ڪتابن ذريعي بهتر رهنمائي سان گڏ سٺي ڄاڻ فراهم ٿيندي. هنن چيو ته سنڌيڪا اڪيڊمي پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهڙي قسم جا ڪتابي ميلا لڳايا ويندا ته جيئن ڪتابن سان چاهه رکندڙن کي وڌ کان وڌ فائدو ملي سگهي.ا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button