پرڏيھي خبرون

آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن جي ملڪ داخلي تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو

Trump (640x427)واشنگٽن: آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن جي ملڪ داخلي تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب آمريڪي صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل ۾ ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن خلاف بيان ڏيندي چيو آهي ته گذريل هفتي ڪيليفورنيا ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ آمريڪي حڪومت کي مسلمانن لاءِ پنهنجي ملڪ جا دروازا بند ڪرڻ گهرجن، ڇو جو تازن ڏينهن ۾ آيل دهشتگرديءَ جو تعلق مسلمانن سان آهي. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جي تجرمان جوش ارنسٽ ٽرمپ جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو مسلمانن تي پابنديءَ جو مطالبو غير قانوني ۽ آمريڪي قوم کي ورهائڻ جي سازش آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن کي آزادي حاصل آهي ۽ اها آزادي آمريڪا جو آئين سمورن ماڻهن کي فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪين جي جذبن سان کيڏي رهيوآهي جيڪو بلڪل غلط آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button